ٿاڻوبولاخان (رپورٽ: سهيل يوسف) ڪجهه ڏينهن اڳ ٿاڻو بولا خان ڀرسان ڳوٺ مهندا پالاري ۾ ٿڃ پياڪ معصوم نياڻي انئيا ڌيءُ  سانوڻ پالاري جو لاش سندس گھر جي ٽانڪي مان هٿ ڪيو ويو هو.معصوم ٻارڙي جو لاش بنا پوليس ڪارروائي جي دفن ڪيو ويو هو، معصوم ٻارڙي جي ماءُ عنمبر زال سانوڻ پالاري ٿاڻوبولاخان پوليس اسٽيشن تي اچي فرياد داخل ڪندي ڄاڻايو هو ته  منهنجو مڙس مون تي شڪ ڪندو ھو ۽ باربار چوندو ھيو تہ انئيا ناجائز آهي، گهر ۾  جھيڙي بعد آئون ڪاوڙجي پنھنجي مڙس جو گهر ڇڏي مائٽن وٽ ترسيل هئس، جتان معصوم نياڻي کي رات جي پهر ۾ مڙس کڻي ويو ۽ء کيس پاڻي جي ٽانڪي ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن بعد اسان کي ڌمڪي ڏني ته ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجو، ٻي طرف پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار  سانوڻ پٽ گل  پالاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.