ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھڪ سال اڳ ڪارنھن الزام تان شروع ٿيل تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، پوليس پوسٽ قاضي عارف جي مک گيٽ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ حمل جي رھواسي موٽرسائيڪل سوار 40 ورھين جي ھاشم پٽ حمزو چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدارن جي فائرنگ سبب موقعي تي موجود ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. جڏھن ته لاش اڌ ڪلاڪ تائين پوليس پوسٽ قاضي عارف وٽ پيل رھيو، بعد ۾ پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو، علائقي واسين موجب حملي دوران پوليس پوسٽ قاضي عارف ۾ ڪو به پوليس اھلڪار موجود نه ھيو. جوابدار سرعام فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.ٻي طرف  مقتول نوجوان جي ويجھي عزيز نواب چانڊيو ٻڌايو ته ڳوٺ ميانداد چانڊيو جي رھواسين غلام حسين چانڊيو سندس پٽ ۽ سرور چانڊيو انھن جي پٽن سميت 8 ھٿياربندن قاضي عارف ٿاڻي جي مک دروازي وٽ فائرنگ ڪري محمد ھاشم چانڊيو کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري  فرار ٿي ويا آھن ھن چيو ته قاضي عارف ٿاڻي تي موجود ڪو به پوليس اھلڪار موجود نه ھيا جڏھن ته  ھٿياربندن سرعام فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.