بهرام (رپورٽ: محمد علي مگسي) بهرام شھر جو رهواسي 31ورهين جو نوجوان نياز محمد پٽ عيدن مگسي ڳوٺ کڏي شيخ ڏانهن پنهنجي زمين تي وڃي رهيو هو ته هٿياربندن گوليون ھڻي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا، بهرام پوليس اطلاع تي پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ميروخان مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو،  بهرام پوليس پاران جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول نوجوان جي وارثن صاحب مگسي، مھراب علي، عطامحمد، راحب علي مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قمبر شھدادڪوٽ روڊ سم شاخ تي لاش رکي ڌرڻو هينو، ايس ايڇ او بهرام ڳالهين لاءِ پهتو ته مقتول جي وارثن کتو جواب ڏئي واپس ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او شفقت حسين ڪناسرو پوليس نفري ۽  پيري وٺي وڃي واقعي واري هنڌ پهچي شاھديون گڏ ڪيون، احتجاج ڪندڙن سم شاخ تان ڌرڻو ختم ڪري قمبر -لاڙڪاڻو روڊ تي شاميانا لڳائي ڌرڻو هينو ويو، ايس ايڇ او ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪري 3 ڏينهن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن تي وارثن ڌرڻو ختم ڪيو، مقتول نوجوان جو لاش الين اکين سان بهرام اسٽيشن گرائوڊ تي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مقتول جي چاچي صاحب خان مگسي چيو ته ڀاءُ عيدن مگسي سعودي آهي، سندس پٽ هتي آيو هو، هٿياربندن کيس قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، ايس ايڇ او شفقت  حسين  ڪناسرو ٻڌايو ته گھڻ رخي جاچ ڪيون پيا، وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.