ٺل (ن پ ا) ٺل جي يونين ڪائونسل جونگل ۾ عام چونڊن جي دوران ٻرڙا ۽ پهوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جو نبيرو شڪارپور ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي جي سرپئنچي ۾ جتوئي هائوس تي ٿيو، پهوڙ برادري طرفان سرڪي برادري جو سردار ذوالفقار علي سرڪي ۽ ٻرڙا برادري طرفان سردار صدام ٻرڙو، محمد خان کوسو ۽ ڊاڪٽر اي جي انصاري موجود هئا، جرڳي ۾ مولوي ربنواز ٻرڙو ۽ يوسي جونگل جي چيئرمين ميان افضل پھوڙ جي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد پهوڙ برادري جي يوسي چيئرمين ميان افضل پھوڙ مٿان ٻرڙا ڌر جا 22 ڄڻا زخمي ٿيڻ جا 31 لک ڏنڊ رکيو ويو ۽ ٻرڙا برادري مٿان پھوڙ برادري جي 8 ماڻھن جي زخمي ٿيڻ جا 8 لک ڏنڊ رکيو ويو، پھوڙ برادري کي ٻرڙا برادري موقعي تي 10 لک معاف ڪري ڇڏيا، يوسي جونگل جي چئرمين ميان افضل پھوڙ پاران ٻرڙا برادري کي ھڪ لک موقعي تي ادا ڪيا ويا، بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي فتويٰ ڏني وئي جنهن بعد ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.