خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت ۾ قتل ڪيس جي آن لائين ٻڌڻي، جوابدار کي ڦاسي ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا، غير قانوني طور هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ پڻ قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، خبر موجب خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وارث ڳنڀير ويندڙ لنڪ روڊ روهڙي ڪئنال ڀرسان 26 سيپٽمبر 2016 تي پراڻي سڱاوتي تڪرار تان ڏهيسر ڦلپوٽو کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي آن لائين ٻڌڻي ٿي گذري، جنهن دوران ڪيس جي جوابدار سيد علي عباس شاهه مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس ڦاسي ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو، ساڳي جوابدار کي غير قانوني طور هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ پڻ 10 سال قيد ۽ 20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار هڪ مهينو وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.