هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ استعمال ٿي رهي آهي، جيڪي استعمال ڪن ٿا، اُنهن جي ڳالهه به نٿي ڪئي وڃي: ايمل ولي خان

0
21

هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ استعمال ٿي رهي آهي، جيڪي استعمال ڪن ٿا، اُنهن جي ڳالهه به نٿي ڪئي وڃي، اي اين پي سربراهه ايمل ولي خان سينيٽ ۾ خطاب دوران چيو آهي ته اجلاس جي ايجنڊا ٻي هئي، پر هتان عدليه ۽ ججز کي جواب ڏيڻ جي ڪارروائي ٿي رهي آهي

پي ٽي آءِ سينيٽر محسن عزيز چيو ته سينيٽر اعجاز چوڌري ڪٿي آهي؟ پارليامينٽ اِن کي پائمالي نٿي سمجهي ته هڪ سينيٽر لاپتا آهي، پارليامينٽ جي عزت به اهميت رکي ٿي، اُن کي ذاتي ايجنڊا نه بڻايو وڃي

سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ايوان جي توقير جي ڳالهه ٿيندي ته اسان ايوان سان گڏ هونداسين، جهڙي نموني اجلاس گهرايو ويو، اُن مان تاثر ملي ٿو ته ان جو مقصد هڪ ئي آهي، اهو مقصد ڪيترن ئي هفتن کان لاڳيتو نظر اچي پيو