آئين عدالت کي اهو اختيار نٿي ڏئي ته اها ڪاوڙ ۾ اچي جيڪو وڻي چئي ڇڏي: اعظم نذير تارڙ

0
18
آئين عدالت کي اهو اختيار نٿي ڏئي ته اها ڪاوڙ ۾ اچي جيڪو وڻي چئي ڇڏي: اعظم نذير تارڙ
آئين عدالت کي اهو اختيار نٿي ڏئي ته اها ڪاوڙ ۾ اچي جيڪو وڻي چئي ڇڏي: اعظم نذير تارڙ

آئين عدالت کي اهو اختيار نٿي ڏئي ته اها ڪاوڙ ۾ اچي جيڪو وڻي چئي ڇڏي، آئين وزيراعظم کي ڇوٽ ڏني آهي، عدالت کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، پنهنجي فيصلن ۾ لکي، قانون جي وفاقي وزير جو سينيٽ ۾ خطاب

اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جيڪي ادارا مداخلت ڪري رهيا آهن، اُنهن لاءِ به آئين چوي ٿو ته پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن، متحده سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته توهين – توهين واري راند بند ڪئي وڃي، ٽي وي اسڪرينز تي صبح کان شام تائين ريمارڪس جي راند جاري رهندي آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ته فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جا آهن، انڪري کين توهين جو نوٽيس ڪري ڇڏيو

نواز ليگ سينيٽر طلال چوڌري خطاب ڪندي چيو ته سسيلين مافيا، گاڊ فادر ۽ پراڪسي جهڙا لفظ چيا ويندا ته ڪوبه برداشت نه ڪندو، مونکي ثاقب نثار نياپو اُماڻيو هو ته نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف بيان ڏيان ته پارليامينٽ ۾ ويندس، نه ته جيل ويندس، نظرثاني پٽيشن واري ڏينهن معافي نه ملي، پر اُن ڏينهن جنرل باجوه کي ايڪسٽينشن ڏني وئي