ڪراچي سميت سنڌ ۾ وڌي ويل گرميءَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا

0
33
ڪراچي سميت سنڌ ۾ وڌي ويل گرميءَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا
ڪراچي سميت سنڌ ۾ وڌي ويل گرميءَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا

ڪراچي سميت سنڌ ۾ وڌي ويل گرميءَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، ڪيترن ئي شهرن ۾ پارو 48 سينٽي گريڊ تائين پهتو

 لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ گرمي پد 48 سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو، بينظير آباد، پڊ عيدن، روهڙي ۽ خيرپور ۾ پارو 47 سينٽي گريڊ تائين پهتو

 نبي سر روڊ ۽ ڪنري ۾ گرمي پد 46 سينٽي گريڊ ريڪارڊ، حيدرآباد ۾ 45، ٺٽو ۾ 42 ۽ سجاول ۾ گرمي پد 40 سينٽي گريڊ تائين پهتو

ڪراچي ۾ گرمي پد 37 سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو، ميرپور خاص ۾ گرمي وگهي محمد يوسف لغاري نالي مال جو هڪ واپاري فوت ٿي ويو

 موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گرميءَ جي لهر هفتي جي پڄاڻيءَ تائين جاري رهندي، گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي موهن جو دڙو ۾ 49 سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪئي وئي هئي