ڀُٽي صاحب جو ڪرشمو، سياست ۽ انداز

0
333
ڀُٽي صاحب جو ڪرشمو، سياست ۽ انداز

 ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو اڪيلو سياستدان آهي، جيڪو مرڻ کانپوءِ به چئن ڏهاڪن تائين ملڪي سياست تي ڇانيل آهي. ان عرصي ۾ ملڪي سياست واضح طور “ڀٽو حامي” ۽ “ڀٽو مخالف” ڪئمپن ۾ ورهايل رهي. ان ورڇ ۾ هاڻي ڪي قدر تبديلي رونما ٿي آهي. ڏٺو وڃي ته ان تبديليءَ جي شروعات محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي مُک سياسي مخالف نواز شريف سان 14 مئي 2006ع تي چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحي ڪري ڪئي. جنرل مشرف جي دور ۾ ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين جي وچ ۾ ٿيل ان ٺاهه جو مقصد پاڪستان ۾ سويلين بالادستي حاصل ڪرڻ هو. جنرل مشرف ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين کي سياست کان ۽ ان جي قيادت کي ملڪ کان آئوٽ ڪري ڇڏيو هو.

                 پنجين جنوري 1928ع تي جاگيردار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ذوالفقار علي ڀٽو رڳو مقبول ليڊر ئي نه هو پر ذهين ۽ پڙهيل ڳڙهيل ۽ حالتن کان آگاهه سياستدان هو.

ڀٽو کان اڳ جي سياست

                 پاڪستان ۾ جاگيردارن جو خاص سياسي ڪلچر رهيو آهي. 70ع واري ڏهاڪي ۽ ان کان اڳ سياستدانن جو وڏو انگ جاگيردار رهيا. شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پارا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سياستدان وچولي يا هيٺئين طبقي مان هئا. جاگيردار سياستدانن جو پاڻ کي وڏو سمجهڻ، حڪومت يا حڪومتي اهلڪارن اڳيان جُهڪڻ، پنهنجن مخالفن ۽ ماتحتن سان ظالماڻي طريقي سان هلڻ انهن جو خاص لائف اسٽائل ۽ ڪردار هو. اهو ئي سبب آهي جو شيخ اياز (شايد) چيو هو:

“هونئن ته وڏيرو هِل ڙي، بگڙي جو سرڪار ته جهرڪيءَ جيڏي دل ڙي”

ائين سياست ۽ اقتدار ۾ به ڌئونس ۽ نوڪرشاهي يا حڪومت جي پشت پناهي ضروري سمجهي ويندي هئي. اهي ماڻهو اسيمبلين، ايتري قدر جو سياسي جماعتن تي به حاوي هوندا هئا. باقي ماڻهو جيڪي کڻي زميندار ته نه هئا پر انهن جو سياسي ڪلچر به اهڙو ئي هو. جاگيرداري سياسي ڪلچر ڇا هو؟ ڀُٽي صاحب قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي هڪ تقرير ۾ ائين بيان ڪيو هو: “جڏهن جاگيردار هڪٻئي سان وڙهندا آهن ته عوام پوئتي رهجي ويندو آهي، ڪا ترقي نه ٿيندي آهي، ڪو ڪارخانو نه لڳندو آهي، ڪو روڊ نه ٺهندو آهي، بدترين غربت ڇانيل هوندي آهي. صرف ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو ترقي ڪندا آهن يا خوشحال ٿيندا آهن، پاڻ ۾ جهيڙا، تڪرار ۽ عام ماڻهوءِ جو استحصال، معاشي ۽ سماجي ترقي کان بيگانگي رهندي آهي.”

ذوالفقار علي ڀُٽي کي جنرل ضياءَ جي مارشل لا ۾ مولوي مشتاق جي عدالت مان سزا ڏياري 4 اپريل 1979ع تي ڦاهي چاڙهيو ويو. ان کان اٽڪل 2 سال اڳ قومي اتحاد جي هلايل تحريڪ جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت کي ڪمزور ڪيو ويو. جڏهن ڀُٽو حڪومت ۽ پاڪستان قومي اتحاد جي تحريڪ ڳالهين ۾ ڪنهن نتيجي تي پهتيون ته جنرل ضياءَ ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ڀُٽي صاحب جي چونڊيل حڪومت کي هٽائي چڪو هو. ڀُٽي صاحب جي گرفتاري ۽ سندس سزا خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيو، ملڪ اندر ڪن نوجوانن احتجاج ڪندي پاڻ کي ساڙي ڇڏيو، سوين ماڻهن قيد ۽ ڦٽڪن جون سزائون کاڌيون، مارشل لا جا عذاب سٺا، اوڏي مهل ملڪ ۾ ڀُٽي صاحب جي مقبوليت ۾ هڪ وڏي لهر ڏسڻ ۾ آئي.

ڀُٽي صاحب جو ڪرشمو ڇا هو؟

مورخن مطابق ستن ڳالهين ڀُٽي صاحب کي ڪرشماتي بڻايو.

پهريون: پهرين ڳالهه اها ته ڀُٽي صاحب کان اڳ عام ماڻهو سياست ۾ غير موثر ۽ غير فعال هو، سياست تي جاگيردار ڇانيل هئا، اوڀر پاڪستان (بنگال) کي ڇڏي باقي ملڪ ۾ وچولي طبقي جو ڪو ڪردار نه هو. ڀُٽي صاحب عام ماڻهوءَ ۽ وچولي طبقي جي ڪردار کي اهم بڻايو.

ٻيو: ڀُٽو صاحب جڏهن سياسي ميدان ۾ لٿو ته عام ماڻهوءَ کي لڳو ته هاڻي هن جي سامهون هڪ اهڙو شخص آهي، جيڪو دانشور وڏ گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، تنهنڪري ان جي ڳالهه ۾ وزن آهي. هو جاگيردارن، صنعتڪارن ۽ بيوروڪريسي کي پُڄي سگهي ٿو. هن کان اڳ عام ماڻهو سمجهندو هو ته انهن قوتن کي ڪير به پُڄي نٿو سگهي، منهن ڏئي نٿو سگهي، ان ڪري عام ماڻهو، پوءِ اهو هاري هجي يا مزدور يا شاگرد، ڀُٽي پويان لڳو.

ٽيون: کاٻي ڌُر جون تنظيمون سرگرم ضرور هيون پر جاگيردار ۽ نوڪرشاهي جي ڳٺ جوڙ سبب اهي سياسي نظام کي بدلائڻ ۾ ناڪام رهيون. اهو به هڪ نقطو هو ته ڪا قدآور ۽ با اثر شخصيت انهن سان گڏ نه هئي. جڏهن ڀُٽي صاحب جي صورت ۾ روايتي سياسي بنيادن کي لوڏڻ ۽ للڪارڻ وارو هڪ با اثر متبادل اڀريو، جيڪو سوشلزم جو به نعرو هڻي رهيو هو، ته انهن ان متبادل جي حمايت ڪئي.

چوٿون: حڪمران طبقي جي ماڻهن کي محسوس ٿيو ته ڀُٽو صاحب ايترو ڄاڻي ٿو، جو ايوب خان جهڙو شخص به سندس چوڻ تي هلي ٿو. اهڙو اعتراف آمريڪين پنهنجي ڪجهه رپورٽن ۾ به ڪيو هو.

پنجون: پاڪستان جي سياست ۾ انڊيا دشمني هميشه اضافي مارڪون رکندي آهي. ان جو اظهار ڀُٽي صاحب 1965ع واري جنگ ۽ بعد ۾ تاشقند ٺاهه جي مخالفت ۾ کلم کلا ڪيو ۽ اوچي آواز ۾ ڪيو. ائين ڀُٽو صاحب ان حلقي ۾ به قابلِ قبول ليڊر بڻجي ويو.

ڇهون: نهروءَ وانگر ڀُٽو صاحب به شاهوڪار گهراڻي سان تعلق رکندڙ، دانشور ۽ سوشلسٽ نظريي جو حامي سياستدان هو. هن جيان ئي سٺن پرڏيهي ادارن ۾ پڙهيو. ٻئي اڳواڻ پنهنجي پنهنجي ملڪ جي حڪمران طبقن لاءِ به پُرڪشش بڻيا ۽ ٻنهي کي عوام وٽان بي پناهه محبت ملي. نهرو پنهنجي علم، دانش ۽ حڪمتِ عملي سبب هڪ ئي وقت سياستدانن، نوڪرشاهي ۽ فوج تي حاوي هو. ڀُٽي صاحب لاءِ به اهو ئي سمجهيو ويندو هو.

ستون: ڀُٽي صاحب ملڪ جي حڪمرانن کي اهو به ڏيکاريو ته عوام ڪيئن طاقتور آهي. بقول هڪ پراڻي جيالي جي، ڀُٽو صاحب وڏيرن ۽ حڪمران طبقي کي عوام کان ڊيڄاريندو هو ۽ اهي هن ڊپ ۾ اچي به ويندا هئا. ڀُٽو صاحب مهم جُو ۽ خطرن کي سڏڻ وارو سياستدان هو. هڪ ئي وقت متضاد طبقن کي پاڻ سان ڳنڍي رکڻ ۾ ڪامياب ويو، جنهن کيس ڪرشماتي ليڊر ٺاهي ڇڏيو.

ڀُٽي صاحب جي سياست ۽ انداز

هو هڪ جمهوريت پسند هو پر آمر به رهيو. جديد نظرين ۽ رجحانن سان گڏ پاڪستاني قومپرست، پر ساڳئي وقت علائقائي لاڙا رکندڙ به هو. هو سيڪيولر به هو پر ضرورت پوڻ تي هن مذهبي ڌرين کي ڀاڪر پاتو. 1973ع جي آئين ٺهڻ بعد ان ۾ ترميم ڪري قاديانين کي اقليت قرار ڏنو ويو. 1977ع ۾ پاڪستان قومي اتحاد جي دٻاءُ ۾ اچي ڪيترن ئي مذهبي اپائن جو اعلان ڪيائين، جيڪي ان کان اڳ ملڪ جي قانون توڙي روايتن جو حصو نه هئا. انهن گهڻن ۽ متضاد ڪردار جي پهلوئن هوندي به پاڪستان جو ڪو به ليڊر ائين نه اُڀري سگهيو. سياست ۾ وڏا جلسا ۽ جلوس، ڊگهيون تقريرون ڀُٽي صاحب جو اسٽائل هو،

پر عادتن ۽ اطوار ۾ به هن جو مخصوص اسٽائل هو. هن جو اٿڻ ويهڻ، هلڻ، ڪپڙا پائڻ جي سليقي، ڳالهائڻ ۽ تقرير جي انداز لاءِ ڪيترن ئي سياستدانن، بشمول سندس مخالفن جي، ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪن سياستدانن ڀُٽي صاحب جي تقرير جون وڊيو ڪيسٽون هٿ ڪري باقاعدي ان جي نقل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي.

ڀُٽو حڪومت جو ڪريڊٽ ۽ مخالفت

ڀُٽي صاحب ملڪ ۾ زميني سڌارا آندا، وڏين صنعتن ۽ بينڪن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو. سماجي ڀلائي جي شعبي (Social Sector) ۾ رياست جو ڪردار وڌايو، نه ته هن کان اڳ تعليم ۽ صحت ائين حڪومت جي ذميواري نه هئي.

ڏتڙيل طبقن هارين، پورهيتن کي ڪيئي حق ڏنائين. قومپرستن سان ڳالهيون ڪري ملڪ کي پهريون متفقه آئين ڏنائين. ڀارت سان شمله ٺاهه ڪري جنگي قيدي آزاد ڪرايائين، والاريل علائقو خاص طور تي ٿرپارڪر وارو واپس ڪرايائين. جيتوڻيڪ ڀُٽي صاحب دعويٰ ڪئي هئي ته 1973ع جي آئين ٺهڻ بعد مارشل لا کي هميشه لاءِ دفن ڪيو ويو آهي پر ائين ٿي نه سگهيو. ان بعد به مارشل لا لاڳو ٿيا، طالع آزمائن ان ۾ ترميمون ڪري ان جي شڪل توڙي اصلي جوهر بگاڙيو پر هر ڀيري ملڪ کي واپس ڀُٽي صاحب جي ڏنل آئين تي ئي آڻڻو پيو.

اهو الميو هو ته ڀُٽي صاحب 1970ع جي چونڊن ۾ جنهن روايتي سياست ۽ مذهبي بيانيي کي شڪست ڏني، پنهنجي اقتدار جي اڌ مدت بعد ان کي گلي لڳايو. هو روايتي سياست ڏانهن وڌيو. اها سياست، جنهن جي هو پاڻ قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪري مذمت ڪري چڪو هو. نعرن ۽ ڪجهه سڌارن وسيلي ڀُٽي صاحب عوام کي سياسي شعور ته ڏنو پر مخالف آواز يا روڊن تي اچڻ وارن کي سختي سان پڄڻ وارو ڪم به ڪيو ويو. بهرحال تاريخ ۾ ڀُٽو مزاحمت ۽ مقبول ليڊرشپ جي علامت طور رهندو.

ڀُٽي صاحب جي ميراث ۽ موجود پيپلز پارٽي

ڀُٽي صاحب کانپوءِ پيپلز پارٽي آمراڻي ۽ نيم آمراڻي تسلط خلاف لڳاتار جدوجهد ڪندي رهي. حڪومت ۾ به آئي پر ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جي لپيٽ ۾ اچي وئي. سياسي مصلحت پسندي سبب اسٽيبلشمينٽ جي لائين وٺڻ تي تنقيد جو نشانو به بڻي. ذوالفقار علي ڀُٽي جي عدالتي قتل، بينظير ڀٽو ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل واريون ڳجهارتون ڏهاڪن بعد به حل ٿي نه سگهيون. پيپلز پارٽي هاڻي ڀُٽي صاحب بدران بينظير ڀٽو جي ورثي کي مڃي ٿي. ڀٽو دور جا جيالا مري ختم ٿي ويا، يا پوڙها ٿي ويا، يا حالتن کين لاتعلق بڻائي ڇڏيو.ڀُ

ٽي صاحب جي پيپلز پارٽي جو عوامي رنگ هو. هفتي ڏهن ڏينهن ۾ هو عوام سان رجوع ڪندو هو. بينظير به هڪ حد تائين ان روايت کي برقرار رکيو. رفته رفته اهو رنگ هلڪو ٿيڻ لڳو. ڀُٽي صاحب جي پارٽي ۾ جاگيردار ڪارڪنن ۽ پارٽي کان ڊڄندا هئا، هاڻي اهو طبقو پارٽي ۽ ڪارڪنن ٻنهي کي ڊيڄاريندو رهي ٿو. پيپلز پارٽي اڄ به ملڪي سطح تي هڪ وڏي سياسي قوت آهي.

سنڌ کي ڇڏي باقي صوبن مان مقبوليت گهٽي آهي پر ان جي پاليسين مان لڳي ٿو ته اها پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي. پارٽي کان شايد ڀُٽي صاحب جو اهو جادو وارو فارمولو وڃائجي ويو آهي، جنهن موجب مختلف طبقن کي پاڻ سان جوڙيندو هو. ڪارڪن ۽ عام ماڻهو جي پارٽي تائين رسائي هئي.