ڀارت ۾ ناريءَ پنهنجو پاڻ سان شادي ڪندي

0
668
ڀارت ۾ ناريءَ پنهنجو

راجسٿان (دلچسپ نيوز) ڀارتي رياست رجسٿان ۾ هڪ ناريءَ پاڻ سان شاديءَ جي تاريخ جو اعلان ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ڀارت جي رياست راجسٿان جي علائقي وڊوڊارا سان تعلق رکندڙ 24 سالن جي ڪشامه بندو جي شاديءَ جون تمام تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ شادي جي تاريخ ۽ مقام جو اعلان ٿي ويو آهي

پر 11 جون تي ٿيندي اها شادي ان لحاظ سان به منفرد هوندي ته هن ۾ گهوٽ ڪوبه نه هوندو. ڀارتي ميڊيا موجب ڪشامه بندو جي شادي ۾ سندور سميت تمام هندو رسمون ادا ڪيون وينديون. ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڪشامه بندو پنهنجي فيصلي کي پاڻ سان محبت جي اظهار جو ذريعو قرار ڏيندي ٻڌايو ته مان ڪڏهن به شادي ڪرڻ نٿي چاهيان پر مان ڪنوار بڻجڻ چاهيان ٿي

ھي به پڙھندا

بنگلاديش واسڻ محبوب سان شادي لاءِ درياءُ پار ڪري ڀارت پهتي، گرفتار