لاهور(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز خلاف هوم سيريز جي تيارين جي سلسلي ۾ لاهور ۾ لڳايل ڪيمپ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته ون ڊي ۾ ٽاپ آرڊر سٺو آهي ۽ مڊل آرڊر کي 40 اوورن کانپوءِ کيڏڻ جو موقعو ملندو آهي، ان وقت ۾ سينچري نه ٿي ٺاهي سگهجي، اسان جي ڪوشش آهي ته مڊل آرڊر کي وڌيڪ سٺو ڪريون. ويسٽ انڊيز خلاف ملتان ۾ گرم موسم ۾ سيريز جي سوال تي رضوان چيو ته اسان گرم موسم ۾ کيڏندا آهيون ڪو اشو ناهي. هن چيو ته مان متبادل وڪيٽ ڪيپر کان ناهيان ڊڄندو 4 کان 5 وڪيٽ ڪيپر هئڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان وٽ بهترين بولنگ اٽيڪ آهي، انگلينڊ ۾ ڪائونٽي بالر اسان جي بالرن کان گهڻو متاثر آهن ۽ هنن جيان بولنگ ڪرڻ چاهين ٿا. انگلش ڪائونٽي تجربي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي بيٽر پجارا کان گهڻو ڪجهه سکيو ۽ هن به مونکي گهڻو ڪجهه پڇا ڪئي. هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهيون، ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ اسان گڏ وقت گذاريو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بابراعظم معصوم انسان آهي ۽ هن ۾ ڪافي صلاحيتون آهن، هن اشتهار ۾ ان لاءِ صرف ان لاءِ بوتل نه پيتي هئي جو هن کي روزو هو، ان لاءِ هن کي گهڻا پئسا به ملڻا هئا پر هن قرباني ڏني.