شڪارپور(اسپورٽس نيوز) شڪارپور جي ڪرڪيٽ کيڏندڙ نوجوان رانديگرن جا ٽرائل وٺڻ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نمائندو اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر باسط علي شاھي باغ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پھتو جتي مختلف ڪرڪيٽ ڪلبن جي ھڪ سئو کان وڌيڪ نوجوان رانديگرن ٽرائلز ۾ حصو ورتو ٽرائز ۾ شڪارپور جي نوجوان رانديگرن بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري جنھن کان پوءِ ٽرائلز وٺندڙ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر باسط علي 65 نوجوان رانديگرن کي وڌيڪ مرحلي لاءِ سليڪٽ ڪيو جن مان اڳتي ھلي بھتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي سليڪشن فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ڪئي ويندي.