راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چيو ته هندستان ۽ افغانستان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيا ،  پڪيون شاهديون موجود آهن ته ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان ڌرتي استعمال ڪري رهي آهي، پاڪستان دهشتگردي جي جواب ۾ افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن خلاف ڪارروائي ڪئي دهشتگردن ۽ سندن مددگارن کي چٿڻ تائين هو هر حد تائين ويندا، پاڪستان پنهنجا فوجي اڏا نه ڪنهن کي ڏنا آهن نه ئي ڏيندو،  فوج جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ  آهي. ڊي جي آءِ  ايس پي آر چيو ته بشام ۾ چيني انجنيئرن تي آپگهاتي حملي جو ڪڙيون به سرحد پار سان ملن ٿيون، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارتي ايجنسيون پاڪستان ۾ ٻن شهرين کي قتل ڪيو، پاڪستان دهشتگردي جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو، ڀارتي فوج ايل او سي تي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي ٿي، ان  جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو آهي.