اشو آف دي ڊي فوج تباهه ٿي ويندي ۽ ملڪ 3 ٽڪر ٿي ويندو: عمران خان جي بيان تي سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
283
اشو آف دي ڊي فوج تباهه ٿي ويندي ۽ ملڪ 3 ٽڪر ٿي ويندو: عمران خان جي بيان تي سوشل ميڊيا تي ردعمل

   اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسٽبلشمينٽ درست فيصلا نه ڪيا ته فوج تباهه ٿي ويندي ۽ ملڪ 3 ٽڪر ٿي ويندو، عمران خان جي اهڙي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، عمران خان جي بيان تي شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويو. ڪجهه ماڻهن عمران جي بيان جي حمايت ڪئي ته ڪجهه ماڻهن وري مخالفت ڪئي. ان سلسلي ۾ فواد چوڌري لکيو ته عمران خان جائز طور ان خطرن جي نشاندهي ڪئي جيڪي معاشي تباهي جي صورت ۾ درپيش هوندا، ساراهه برڪت لکيو ته عمران خان صحيح اڳڪٿي ڪئي آهي، اهو سچ آهي ته عمران خان کانسواءِ پاڪستان 3 ٽڪر ٿي ويندو، زرتاج گل لکيو ته عمران جي ڳالهه کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي، نواز ليگ ڏانهن واضح جهڪاءُ رکندڙ صحافي ۽ اينڪر پاڻ کي تباهه ڪندڙ طريقا جاري رکيا آهن، اهي ان حقيقت جي خلاف آهن ته قوم عمران خان جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. عنايه خان لکيو ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هي شخص قومي مفاد جي باري ۾ نٿو سوچي صرف پنهنجي باري ۾ سوچي ٿو ، وينا ملڪ لکيو ته فوج جي طاقت عوام آهي ۽ عوام عمران خان آهي، شيرين مزاري لکيو ته مريم نواز عمران خان بابت ڳالهائڻ کان اڳ پاڻ کي ڏسي، مظهر عباس لکيو ته عمران خان خطرناڪ رستي تي هلي پيو آهي، هن چيو هو ته جيڪڏهن مون کي ڪڍيو ويو ته مان وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس،

انصار عباسي لکيو ته خان صاحب اوهان جي باري ۾ اهو پڙهي ڏک ٿيو، فاروق سومرو لکيو ته اهڙو بيان پ پ، اي اين پي يا ڪنهن بلوچ اڳواڻ ڏنو هجي ها ته ان کي غدار قرار ڏئي پابندي جو مطالبو ڪيو وڃي ها، شاهه اويس نوراني لکيو ته پاڪستان جا ٽئي ٽڪر ٿيڻ جا خواب ڏسندڙن جو عبرتناڪ ٿيندو، شمع جوڻيجو لکيو ته عمران خان چوي ٿو ته پاڪستان 3 ٽڪر ٿي ويندو، خورشيد شاهه لکيو ته 3 ٽڪر پاڪستان جا نه پر عمران خان جي سياست جا ٿيندا، اڄ سازشي عمران خان کلي ڪري سامهون اچي ويو آهي، عمران ۽ سندس ڳجهي ايجنڊا ناڪام ٿي ويندا. غريده فاروقي لکيو ته عمران جي رياست مخالفت بيانن تي مسلم ليگ ن پاران ڀرپور جارحاڻي زيرو ٽالرنس ردعمل اعليٰ قيادت پاران اچڻ گهرجي، مريم نواز کي ان مامري تي فوري پريس ڪانفرنس ڪرڻ گهرجي هي پاڪستان جي تحفظ ۽ بقا جو وقت آهي، جيڪڏهن نواز شريف جي مثبت تنقيد واري تقرير ۽ بيانن هلائڻ تي پابندي لڳي سگهي ٿي ، متحده باني جي بيانن تي پابندي لڳي سگهي ٿي ته عمران خان جي رياست مخالف انتهائي خطرناڪ بيانن ۽ تقريرن تي پابندي ڇو نٿي لڳي سگهجي، حڪومت کي ان جي باري ۾ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.  غازي جهنڊير عمران جو بيان شيئر ڪندي ته بيان ته گهڻا ڏکيا پيو ڏئي، جنهن تي محمد جعفر ڪالرو لکيو ته درست چوي پيو،

محمد رفيق ڀرڳڙي لکيو ته اقتدار عمران جي حوالي ڪيو وڃي، پوءِ فوج مضبوط ٿيندي، ايٽمي اثاثا محفوظ ٿيندا، ملڪ ٽٽڻ کان بچي ويندو صرف شرط اهو آهي ته وزيراعظم عمران خان هجي، وحيد بلوچ لکيو ته الله خير ڪري ڪم گهڻو آهي، رياض ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سائين جي سيد ايم سيد چيو ملڪ کي نه ٿا مڃون ته سڄي عمر نظربند رهيو، خان صاحب جي بيان بعد ڇا خيال آهي. جنهن تي دليپ ڪمار لکيو ته ڪيس، غداري، تاحيات قيد، رفيق سومرو لکيو ته جي ايم سيد سنڌي هو ۽ هي پٺاڻ آهي، فرحان خان تنيو عمران جو بيان شيئر ڪندي لکيو ته ايئن چون ها ته غدار، بلوچ چون ها ته غدار پر خان چوي ته وفادار، اهو تضاد ناهي، علي رند بيان شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان جي هن بيان جو مطلب ڇا آهي؟ جنهن تي اظهر خان رند لکيو ته هن جو مطلب مون کي وزيراعظم ڪيو نه ته مان وڏو گند ڪندم، انعام الله شيخ لکيو ته اسان نه ته پوءِ ڪجهه به نه، عمران علي لکيو ته ظاهر آهي ته ملڪ جون جيڪي هاڻوڪيون بدترن حالتون آهن اهي ڪو سيڪنڊن،ڏينهن يا ڪلاڪن ۾ ڪونه ٿيون آهن ان جي پويان ڊگهي تاريخ آهي،ڪرپشن جي تاريخ،حقن تي ڌاڙن جي تاريخ، ڪٺ پتلي حڪمرانن جي تاريخ، نظريائي ضررت جي تاريخ، سنڌين ۽ بلوچن مٿان لڳايل غداري جي ٺپن جي تاريخ ته يقينن جيڪڏهن اهڙي پريڪٽس اڃان به ڪئي ويئي ته پوءِ نتيجا اهڙائي نڪري سگهن ٿا، منظور ابڙو لکيو ته اوهان دل تي نه وٺو، جيئن وڻي ڳالهائي ان کي ڪير نه چوندو، ڪو سنڌي ۽ بلوچ اهڙي ڳالهه ڪري ته ان مهل ئي ٽنگي ڇڏنس،

عبدالعزيز سومرو لکيو ته مطلب سڌو آهي ته مون کي ڪرسي نه ملي ته فوج تباهه ٿي ويندو ۽ ملڪ ٽٽي ويندو، مرتضيٰ سيال لکيو ته اقتدار خاطر آپي مان نڪري ويو آهي، رحمت الله ميمڻ لکيو ته بيان جو نوٽيس ورتو وڃي، شمس خان چانڊيو لکيو ته هن جي بيان کي سنجيده نه وٺو، رانگ نمبر آ، زاهد سومرو لکيو ته ان جي بيان کي سنجيده نه وٺندا ڪريو، ظفرالله بهليم لکيو ته بهادر ۽ سچو انسان آهي، امان جمالي لکيو ته هن بيان ۾ شاعر چوي ٿو ته مون کانسواءِ اونداهي آهي، نور احمد رند لکيو ته هن جو مطلب آهي ته مون کي وزيراعظم بڻايو نه ته ملڪ ٽٽي ويندو، سلامت جاگيراڻي لکيو ته وڏيون غلطيون ڪري ويٺو آهي ڪنهن سان به نه رهايو اٿئين، ذوالفقار ميراڻي لکيو ته  ويجھڙائيءَ ۾ھن اھڙا بيان گھٽ ۾ گھٽ ٻه دفعا پھريان به ڏنا اٿس. اپريل ۾ شايد ويھه يا ايڪويھ تاريخ تي، ان کا اڳ ڪنھن خطاب يا انٽرويو ۾ جڏھن وزير اعظم ھئو. عجب ڳالهه اھا آھي ته ھر دفعي ٽن ٽڪڙن جي ڳالهه ڪئي اٿس. منطق جي ته کيس ئي خبر ھوندي.

طارق عباسي لکيو ته ھن جي نظر ۾ درست فيصلو اھو آھي ته ھن کي تاحيات وزيراعظم بڻايو وڃي، طاهر جعفري لکيو ته اها رومال ۾ ويڙهيل هڪ ڌمڪي آهي ته حڪومت واپس ڪريو نه ته لساني گهرو ويڙهه لاءِ تيار رهو، مشتاق چانڊيو عمران خان جو بيان شيئر ڪندي لکيو ته عمران چوي پيو ته اسٽبلشمينٽ درست فيصلا نه ڪيا ته فوج تباهه ٿي ويندي ملڪ 3 ٽڪر ٿي ويندو، آصف جوکيو ته عمران جو ٻيو بيان اهو آهي ته درست فيصلو اهو آهي ته عمران کي وزيراعظم ڪن، مختيار مگسي لکيو ته عمران واحد ليڊر آهي جنهن جي ساراهه ۾ هر پارٽي جو ماڻهو پوسٽ رکي ٿو، واحد کوسو لکيو ته مطلب هن کي وزيراعظم بڻائن، اي ڪي کوکر لکيو ته دعا آهي ته عمران سدائين اقتدار کان ٻاهر رهي، عباس ٻرڙو لکيو ته عمران خان جي بيان جو مقصد آهي ته منهنجي حق ۾ فيصلا نه ڪيا ويا ته ملڪ 3 ٽڪر ٿي ويندو، پاڻ پوڻا چار سال ھيو سڀ ٺيڪ ھاڻي جڏھن لٿو ته خطرا پيدا ٿي ويا.