اشو آف دي ڊي سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ تي پابندي: سوشل ميڊيا تي بحث

0
167
اشو آف دي ڊي سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ تي پابندي: سوشل ميڊيا تي بحث

سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاھڻ تي پابندي لڳائڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏنو ويو، ڪجهه ماڻهن اهڙي پابندي جي حمايت ڪئي ۽ ڪجهه وري مخالفت ڪئي، ان سلسلي ۾ حفيظ آزاد زئور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ٽڪ ٽاڪ ٺاھڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. يعني پھرين سياست کان شاگرد طبقي کي پري ڪيو ويو ۽ ھاڻي شوبز، آرٽ، فن ۽ ماڊلنگ تي به پابندي مڙھي اسان کي اونداھي دور ڏانھن روانو ڪرڻ لاءِ باقائده سازشون ڪامياب پيون ٿين.. باقي پنجاب يونيورسٽيز ۾ ڊانس، آرٽ، فن ۽ ماڊلنگز جا باقائده مرڪز قائم آھن، اسان جو ھر لحاظ کان استحصال ڪيو پيو وڃي، سنڌ يونيورسٽي جي ان فيصلي کي رد ڪريون ٿا. جنهن تي حسين زئور لکيو ته توهان وانگر وري به حڪومت کي ڪونه مڃيندا، الله ڪو ساڃاهه ڏي توهان نوجوانن کي، رمضان خاصخيلي لکيو ته درست فيصلو آهي بيحيائي وڌي وئي آهي، ساگر علي رضا زئور لکيو ته تمام سٺي ڳالهه آهي پابندي لڳائي وئي آهي، ذوالفقار ميمڻ لکيو ته سنڌ يونيورسٽي تي طالبانن جو قبضو ٿي ويو آهي ڇا؟؟؟ اشرف لکيو ته پابندي ٽڪ ٽاڪ ٺاھڻ تي ناھي بي حيائي تي آھي، گلزار زئور لکيو ته جيڪڏھن ٽڪ ٽوڪ اسان سنڌين جي صقافت آهي ته اھا ٽڪ ٽوڪ توهان کي مبارڪ،

شاهجهان لغاري لکيو ته ٽڪ ٽوڪ هڪ فحاشي ڦھلائيندڙ رونق آهي، اياز سمون لکيو ته سنڌ يونيورسٽي سٺو قدم کنيو آهي، بلال مزاري لکيو ته لک ڀيرا ٽڪ ٽوڪ ٺاهين پر ڪهڙو ضرور آهي ڇوڪرين سان ٺاهن، فهد شورو لکيو ته منھنجي خيال ۾ اھا پابندي ضروري ھئي ڇو ته يونيورسٽي چوويهه ڪلاڪ ان ڌنڌي جي پويان آھن ، توھان پاڻ وڊيوز ڏسو انھن ۾ ڪھڙو آرٽ ۽ ڪھڙو فن آھي ؟ صرف پانچا مٿي کڻي ڳاڙھو چشمو پائي ھيڏانھن ھوڏانھن ھلڻ کي ته فن جو نالو نه ٿو ڏئي سگھجي جيتوڻيڪ ان کي فرسٽريشن جي ڊوڙ چئي سگھجي ٿي..آئون چڱي ڪنٽينٽ جي خلاف ناھيان پر بدقسمتي سان مون کي ڪو به چڱو ڪنٽينٽ ڏسڻ ۾ نه آيو آھي.. پير قادر لکيو ته اسانجي ڇوڪرن چيو ڇوڪرا ٻين جي ڇوڪرين جا بنا اجازت ٽڪ ٽوڪ ٺاھي وائرل ڪن ٿا ان ڪري اھو ٿيو باقي پنجاب ۽ سنڌ جي عزت ۽ ثقافت ۾ وڏو فرق آهي، نظر سنڌي لکيو ته جيڪي ٽڪ ٽاڪ کي فحش چئي ان فيصلي جي آجيان پيا ڪن اھي ويچارا پاڻ ٽڪ ٽاڪ تي سرچ ڪري اهڙي وڊيو ڏسندا ھوندا، فهيم جانوري لکيو ته يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪبي آهي،

انور لغاري لکيو ته يونيورسٽي به تعليم گاهه بجاء صرف پارڪ بنجي وئي هئي ٽڪ ٽاڪ لاءِ. ثاقب علي يونيورسٽي ۾ رڪارڊ ٿيل ٽڪ ٽوڪ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته مادر علمي، چئو ڪجھه نه بس نمونا ڏسندا ھلو، جنهن تي غلام حسين سنديلو لکيو ته انهن وڊيو جي ڪري پابندي لڳي وئي، شاهه رخ سنديلو به لکيو ته پابندي لڳائي وئي آهي، ماجد سمون لکيو ته آرٽ جي خلاف ناهيون پر آرٽ جو به ڪو هنڌ مقرر هوندو آهي باقي هي ته آرٽ به ناهي بي حيائي آهي، سرفراز ساريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن طرفان يونيورسٽي اندر غيراخلاقي ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جو رجحان وڌي ويو، انتظاميا نيٺ سڄاڳ ٿي پئي، يونيورسٽي اندر ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئر يونس لغاري طرفان نوٽيفيڪشن پڻ جاري ڪيو ويو.جنهن تي شازينه لغاري لکيو ته ان ۾ غيراخلاقي ڇا آهي؟ عرفان برفت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن لاءِ انوکو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، يونيورسٽي انتظاميا يونيورسٽي اندر ٽڪ ٽوڪ تي پابندي هڻي ڇڏي،انتظاميا جو چوڻ آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي ڪوشش رهي آهي ته شاگردن جي سٺي ڪردار ٺاهڻ ۾ مدد ڪري،  يونيورسٽي اندر غلط ويڊيو ٺاهيا ويا جيڪي ميڊيا تي وائرل ٿيا،

يونيورسٽي اندر ٽڪ ٽاڪ ويڊيو ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊاڪٽر ڪامران علي مهيسر به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي، مير سرفراز پڻ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته يونيورسٽي اندر ٽڪ ٽوڪ وڊيوز ٺاهڻ تي پابندي هنئي وئي آهي.واجد قلندري لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ٽڪ ٽوڪ وڊيو ٺاهڻ تي پابندي لڳائي آهي، زبير مشتاق، رياض علي ملاح ۽ ٻين پڻ اهڙيون پوسٽون شيئر ڪيون، هڪ پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي سنڌي لکيو ته اسان اهڙي پابندي لڳائڻ واري عمل جي مذمت ڪريون ٿا، هر ماڻهو کي آزادي سان زندگي گذارڻ جو حق آهي، مير طاهر حسين لکيو ته ڀلو ٿيو پر هاڻ شاگرد ميٽنگ ڪندا ته ڪڏهن هڙتال ڪيون، احسان علي آريسر لکيو ته ادب اخلاق جي حساب سان زرعي يونيورسٽي هڪ مثال آهي باقي ٽڪ ٽوڪ فالوئرز وڌائڻا آهن ته سنڌ يونيورسٽي ۾ وڊيو ٺاهيو، حاجي مصطفيٰ راهو لکيو ته ها هڻو پابندي، اسان جو ته اندر ئي ساڙي ڇڏيو اٿن، وقار احمد حسيني لکيو ته اهڙي پابندي اڳ لڳائن ها ته ملڪ ترقي ڪري ها، غازي خان سولنگي لکيو ته شاگرد هاڻ هڙتال ڪندا، علي بهادر وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ترقي ڪري پئي، واهه جي وڊيو ٺاهي اٿن، جڏهن ته جنسار چانڊيو، محمد صفر، رجب علي مگسي، ماروي جمالي، معروف سومرو، عرفان علي ڪلهوڙو، عامر حسين سمون، رئيس نعيم زئور، نادر مگسي، حسينه مريد، امتياز احمد، شمس راهپوٽو، زوار منير مگسي، تيمور علي، تعمير حسين، محمد بخش ٻانڀڻ، آفتاب احمد ۽ ٻين پابندي واري عمل جي ساراهه ڪئي.