بنگلاديش واسڻ محبوب سان شادي لاءِ درياءُ پار ڪري ڀارت پهتي، گرفتار

0
403
بنگلاديش واسڻ محبوب

ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) هڪ بنگلاديشي ناري پنهنجي پريميءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ درياءُ تري ڀارت پهچي وئي . پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن بنگلاديش سان واسطو رکندڙ 22 ورهين جي ناري پنهنجي محبوب سان شادي ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ تري ڪري ڀارت پهتي

ڪرشنا منڊال نالي ڇوڪري جي ڀارت سان تعلق رکندڙ اڀيڪ سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ دوستي ٿي جيڪا پوءِ محبت ۾ تبديل ٿي وئي. پنهنجي پريمي سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪرشنا کي ڀارت وڃڻو هو پر پاسپورٽ نه هئڻ سبب هن غيرقانوني طور تي سرحد پار ڪرڻ جي چونڊ ڪئي

پوليس ڪرشنا سڀ کان پهريان سندربن جهنگ ۾ داخل ٿي جيڪو رائل بينگال ٽائيگرز لاءِ مشهور آهي، ان کانپوءِ هوءَ پنهنجي منزل تائين پهچڻ لاءِ اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين دريا ۾ ترندي رهي

ڀارتي ميڊيا موجب ڪرشنا ۽ اڀيڪ جي شادي ٿي چڪي آهي پر سومري واري ڏينهن غيرقانوني طور تي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. اطلاعن موجب ڪرشنا کي بنگلاديشي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي