اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي خالي ٿيل 5 مخصوص سيٽن تي نوان ميمبر مقرر  ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن ضمني چونڊن تائين روڪي ڇڏيو، تحريڪ انصاف پاران سيٽون سندن حوالي ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي وئي، ايوان ۾ موجود ميمبرن جي مناسبت سان 5 ئي سيٽون ورهائڻ واري نواز ليگ جي درخواست به رد ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جنهن ۾ چيو ويو ته پنجاب اسيمبلي جي ٽن عورتن ۽ ٻن اقليتن جي سيٽن سوڌو ڪل 5 سيٽن تي ميمبرن جي مقرري پنجاب اسيمبلي جي 20 تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن کان پوءِ ڪئي وڃي.