ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ختم نه ٿي ڪري سگهي، عمران خان قائداعظم جا اهي لفظ پڙهي ها ته کيس قائد اعظم جي لفظن جي خبر هجي ها، هاڻ کيس وري اسڪول وڃي پڙهڻ گهرجي، صوبي جي ٻهراڙين ۽ ڏورانهن علائقن جي آبادي کي هيلٿ ڪيئر (صحت)، اي فنانس، اي زراعت ۽ اي ايجوڪيشن سميت معلومات ۽ اي-سائيٽ سروسز تائين پهچ کي ممڪن بڻايو پيو وڃي ته جيئن کين ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ کين فعال بڻائي سگهجي. ڪالهه مقامي هوٽل ۾ دادو، ڄامشورو، بدين، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ قمبر ضلعن ۾ آپٽيڪل فائبر ڪيبل (او ايف سي) وڇائڻ لاءِ يو ايس ايف ۽ پي ٽي سي ايل وچ ۾ معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ وقت هو، جڏهن اسان جي ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ معاشي حالتون ڳڻتي جوڳي موڙ تي هيون، جنهن ڪري لکين پاڪستانين جي روزاني زندگي متاثر ٿي. انهن چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن جي مناسبت سان آءِ ٽي واري وفاقي وزارت  يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) ذريعي مختلف منصوبا جوڙي رهي آهي، جيڪي اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا،  ڊجيٽلائيزيشن اسان جي ڪاروبار لاءِ اولين ترجيح بڻجي چڪي آهي، يو ايس ايف ذريعي آءِ ٽي واري وزارت جو مقصد پاڪستان جي سڀني شهرين کي ڳنڍڻ آهي. هن چيو ته نيڪسٽ جنريشن آپٽڪ فائبر (اين جي او-آف) نيٽ ورڪ اينڊ سروسز پروگرام تحت يو ايس ايف 3ڪروڙ 15 لک پاڪستانين کي فائدو پهچائڻ لاءِ 16000 ڪلوميٽر آپٽڪ فائبر ڪيبل (OFC) وڇائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته آءِ ٽي واري وزارت معلومات تائين پهچ ۽ اي سوٽ سروسز جهڙوڪ هيلٿ ڪيئر، اي فنانس، اي زراعت ۽ اي ايجوڪيشن تائين پهچ کي يقيني بڻائي نه رڳو ملڪ جي ڳوٺاڻن ۽ ڏورانهن آبادي کي بااختيار بڻائي رهي آهي پر گڏيل قومن ۽ پائيدار ترقي جي مقصدن (SDGs) جي سهڪار سان قومي جي ڊي پي تي مثبت اثر وجهڻ لاءِ معاشي ترقي ڪري رهي آهي. آءِ ٽي واري وزارت سيد امين الحق جي سربراهي ۾ وڌيڪ ٽن منصوبن تي معاهدا ڪري رهي آهي، اهي منصوبا سنڌ جي ڳوٺن ۽ ڏورانهن علائقن سان گڏوگڏ دادو، ڄامشورو، بدين، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ قمبر  جي عوام کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي براڊ بينڊ ڪوريج لاءِ  ڊجيٽل هاءِ ويز فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته 5 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيل منصوبي سان 207 يونين ڪائونسلن (يو سيز) ۽ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته انهن منصوبن کي 686 تعليمي ادارن، 212 صحت جي سهولتن، 276 سرڪاري آفيسن ۽ 1367 ٽيلي ڪام ٽاورز ذريعي نوڊ جي 5 ڪلوميٽر جي دائري اندر ڳنڍڻ لاءِ پڻ ٺاهيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته آءِ ٽي منصوبي سان عوام جي زندگين ۾ بهتري ايندي، انهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ جا فائدا حاصل ٿيندا. وزيراعليٰ عمران خان جي تازي بيان تي تبصرو ڪندي قائداعظم محمد علي جناح جي تقرير جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ هن چيو هو ته ”دنيا ۾ ڪابه اهڙي طاقت ناهي، جيڪا پاڪستان کي ختم ڪري سگهي.“ هن چيو ته عمران لاءِ باباءِ قوم جا لفظ ئي ڪافي آهن. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان ڪنهن سٺي اسڪول ۾ پڙهي ها ته پاڪستان بابت قائداعظم جي خيالن جي سُڌ هجيس ها. هن چيو ته عمران کي هاڻي پنهنجي خرچ تي اسڪول وڃڻ گهرجي، انهي کان اڳ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق پنهنجي خطاب ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ کي 2.5 ارب مان وڌائي 3 ارب ڊالر تائين ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ان موقعي تي پي ٽي سي ايل جي سي اي او حاتم بمترا ۽ يو ايس ايف جي سي اي او حارث محمود معاهدي تي صحيحون ڪيون.