اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي تازي ٽي وي انٽرويو جو تڪراري مواد نشر ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي. پيمرا سڀني ٽي وي چئنلن تي عمران خان جي انٽرويو جو تڪراري مواد نشر ڪرڻ تي پابندي هنئي آهي. پيمرا جو چوڻ آهي ته اهو مواد آئين جي آرٽيڪل 19 جي شق 20 اي جي ڀڃڪڙي آهي، عمران خان جي بيان قومي سلامتي سنگين خطري ۾ وڌي آهي، عمران خان جي بيان ملڪ جي آزادي، خود مختياري، سلامتي کي سنگين خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پيمرا موجب عمران خان جو بيان ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪري سگهي ٿو، سندس بيان امن امان لاءِ نقصانڪار آهي.