ڀارتي اداڪار بومن ايراني جي والده لاڏاڻو ڪري وئي

0
253

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار بومن ايراني جي ماءُ 94 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. بومن ايراني انسٽاگرام ذريعي پنهنجي ماءُ جي موت جي خبر ڏني، جتي هن پنهنجي ماءُ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته منهنجي ماءُ 94 سالن جي عمر ۾ خاموشي سان گذاري وئي، هن 32 سالن جي عمر ۾ مون لاءِ ماءُ ءٌ پيءُ جو ڪردار ادا ڪيو. بومن ايراني پنهنجي ماءُ جي ساراهه ڪندي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته هوءَ هڪ خوش مزاج عورت هئي، جڏهن هن مونکي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو ، هن مون کي چيو ته ڪمپائونڊ جا سڀ ٻار توکي ڏسندا ۽ انهن لاءِ پاپ ڪارن آڻيندا نه وسارجانءِ. اداڪار وڌيڪ چيو ته هن جي ماءُ هميشه مون کي چيو ته تون ان ڪري اداڪار نه آهين جو ماڻهو تنهنجي تعريف ڪن پر ان لاءِ ته جيئن تون ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيري سگهين.
بومن ايراني چيو ته منهنجي والده موت جي آخري رات مونکان انب ۽ ملائي گهري، هوءَ چاهي ها ته مونکان چنڊ ۽ ستارا به گهري پئي سگهي. پوسٽ جي آخر ۾ ، اداڪار پنهنجي ماءُ لاءِ لکيو ته منهنجي ماءُ اسٽار هئي ۽ هميشه رهندي.