ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو شھر جي سهيل شاھ ڪالوني ۾ صحافي عدنان جوکيو جي ڀيڻيوئي مظفر قاضي جي گهر جا تالا توڙي چور 2 لک رپيا روڪ، 6 تولا سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا، ٻي طرف چوري خلاف نيشنل پريس ڪلب جي صحافين شبير ملاح، الطاف سولنگي، اسد جعفري، طاهر ابراهيم جوکيو ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.