ڀاءُ جي قتل جي شفاف جاچ ڪئي وڃي: صدام لاشاري جي ڀينرن جو ايس ايس پيز کي قرآن پاڪ ڏيندي مطالبو

0
380

ٺل (رپورٽر) صدام لاشاري کي پوليس ماريو ۽ جاچ به پوليس ئي ڪندي؟، نوجوان صدام لاشاري جي ڀينرن جاچ ٽيم تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، قتل جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

 ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو تي ٻڌل جي آءِ ٽي ٺل پهچي وارثن جا بيان قلمبند ڪيا، صدام لاشاري جي ڀينرن ٻنهي ايس ايس پيز کي قران پاڪ ڏيندي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو

 ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي صدام لاشاري جي ڀينرن چيو ته پوليس جي جاچ ٽيم پنهنجي پٽي ڀائين جو تحفظ ڪندي، چيف جسٽس عدالتي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي

ان موقعي تي جاچ ٽيم چيو ته جاچ ۾ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي، ڪوشش هوندي ته وارثن کي انصاف ملي سگهي

 صدام لاشاري جي گرفتاري وقت موجود دوست مشتاق کوسو جاچ ٽيم کي ٻڌايو ته ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ پوليس کيس زوري کنڀي وئي هئي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ واسي 2 پورهيت گم، وارثن طرفان اغوا جو شڪ