ڪنڌڪوٽ واسي 2 پورهيت گم، وارثن طرفان اغوا جو شڪ

0
351

بخشاپور (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ واسي 2 پورهيت شهر ويندي رستي مان گم ٿي ويا، ڏس پتو نه پوڻ تي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي

شهر جي گلشير پاڙي جا رهواسي  موتي لال ۽ نند لال مينگهواڙ ڪنڌڪوٽ وڃي رهيا هئا ته  رستي مان گم ٿي ويا

پورهيتن جي مائٽن جو چوڻ آهي ته اسان موتي لال جي فون تي مسلسل ڪال ڪري رهيا آهيون پر هن جو نمبر بند پيو ملي

هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نند لال ۽ موتي لال کي اغوا ڪيو ويو آهي، بخشا پور پوليس کي ان حوالي سان اطلاع ڏنو آهي

گم ٿيل نوجوانن جي وارثن ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته بخشاپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور ۽ ٻين علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، شهري غير محفوظ آهن، ڏوهارين خلاف سخت قدم کنيا وڃن

هي به پڙهندا

دوداپور ڀرسان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان قتل