نه بواءِ فرينڊ ۽ نه وري پارٽيون سڄو ڌيان ڪم تي آهي: نورا فتيحي

0
214
نه بواءِ فرينڊ ۽ نه وري پارٽيون سڄو ڌيان ڪم تي آهي: نورا فتيحي
نه بواءِ فرينڊ ۽ نه وري پارٽيون سڄو ڌيان ڪم تي آهي: نورا فتيحي

ممبئي ( شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ۽ رقاصه  نورا فتيحي  انڪشاف ڪيو آهي ته مان جيئن ئي شوبز انڊسٽري ۾ پير پاتو ته چيو ويو ته ٻي ڪترينا ڪيف بڻجڻ آئي آهيان

هن چيو ته هندي ٻولي آساني سان نه ڳالهائڻ جي ڪري مون کي ڪترينا ڪيد سان تشبيهه ڏني پئي وئي ڇاڪاڻ جو ڪترينا لاءِ به هندي ڳالهائڻ ڏاڍي ڏکي هئي

هن ٻڌايو ته شوبز انڊسٽري ۾ نالو ڪمائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي حوالي سان ٻڌايو ته  مون کي آخري وقت ۾ ئي موقعو مليو ۽ سدائين محنت ڪري منزل تائين پهتي آهيان

نورا فتيحي جو چوڻ هو ته مان ڪوشش ڪري پنهنجي هندي بهتر بڻائي تنقيد ڪندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مان ٻين جيان نه بواءِ فرنڊ ٺاهيا ۽ نه وري پارٽين ۾ ويندي آهيان، منهنجو سڄو ڌيان پنهنجي ڪم تي هوندو آهي. نورافتيحي ڪيترين ئي فلمن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري چڪي آهي هن جي رقص کي به تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو