پيٽرول جا اگهه، بم يا ائٽم بم !؟

0
168
پيٽرول جا اگهه، بم يا ائٽم بم !؟

اڃا اوگرا جي انهي ترديدي بيان جي مس ئي نه سڪي هئي جيڪو هن انهن افواهن  تي جاري ڪيو هو ته  ڪو پيٽروليم جي شين جا اگهه وڌا يا پيا وڃن ته ناڻي واري وزير هڪ ڌڪ سان 35 رپيا في لٽر پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائڻ جو اعلان ڪري اوگرا جي رهيل سهيل پت به وڃائي ڇڏي ته اهڙين وضاحتن ۽ ترديدي بيانن جي ڪا اهميت ناهي، سرڪار جيڏي مهل چاهي اهي اگهه وڌائي سگهي ٿي ۽ انهي کي عوام جي ڳڻتي يا پريشاني جو ڪو فڪر ناهي ۽ ايئن ئي ٿيو جنهن جو ڊپ هو. هڪ طرف ڊالر 300 رپين ڏانهن وڃي رهيو آهي ته ٻئي طرف اهي به افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته پيٽرول جا اگهه به 300 رپين تائين ويندا،ڏسجي ته ڊالر يا پيٽرول مان پهرين ڪير ٿو 300 رپين جي قيمت تائين پهچي.انهي سان عوام جو جيڪو حشر ٿيڻو آهي سو پيو ٿئي ان جي نه حڪومت کي پرواهه آهي نه ئي ادارن کي ۽ نه ئي سياسي ڌرين کي.انهن کي ته پنهنجي سياسي مفادن جي ويڙهه وڙهڻي آهي اها به عوام کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ جي قيمت تي.حڪمران ڌر دعويٰ ڪري رهي آهي ته اها پنهنجي سياست بچائڻ بدران  رياست بچائي رهي آهي  ته ٻئي طرف مخالف ڌر جو الزام آهي ته ان جي حڪومت کي ٻاهرين سازش ذريعي هٽايو ويو جنهن خلاف هو احتجاج ۾ آهي. انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪٿي به عوام جو ذڪر ناهي ته انهي عوام لاءِ ٻنهي ڌرين ڇا ڪيو؟

ملڪ جي معيشت جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪي آهي ان مان نڪرڻ جو جيڪو رستو آهي حڪمران اهو وٺڻ بدران بار بار عوام تي اهو بار اڇلائي رهيا آهن جنهن ڪري نه معيشت ٿي سڌري نه ئي عوام کي ڪو رليف ملڻ جو آسرو ٿو پيدا ٿئي جو عوام اهو سمجهي ته ڪجهه ڏينهن جي ڏکين فيصلن کان پوءِ انهن لاءِ ڪو سڻائو واءُ گهلندو ته هو چپ ڪري اهو بار برداشت ڪري وڃن. هڪ ڌر الزام ٿي هڻي ته حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري هي سڄي معيشت تباهه ٿي آهي ته حڪمران وري اڳوڻي حڪومت تي آءِ ايم ايف سان ڪيل ٺاهه ۽ وري ان تي عمل نه ڪرڻ کي هن سڄي صورتحال جو ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن پر عوام اهو پڇڻ جو حق رکي ٿو ته ڀلا حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ غلط فيصلن جو سڄو بار رڳو عام ماڻهو تي ئي ڇو پئجي رهيو آهي،ڇو اهو مراعت يافته طبقو متاثر نه ٿو ٿئي يا انهن تي بار نه ٿو وڌو وڃي جيڪو عوام جي ٽيڪس جي پئسن تي اهي سڀ رعايتون وٺي رهيو آهي.پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو مطلب عام استعمال کان وٺي کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهن ۾ واڌ آهي.پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ عوام لاءِ هاڻي بم کان اڳتي وڌي ائٽم بم بڻجي چڪو آهي جنهن  سان رڳو هاڻي جو گذر ڏکيو نه ٿيندو پر ايندڙ ڪيترن سالن تائين انهي عوام جي زندگي تي اثر رهندا ۽ اهو عام ماڻهو يا مڊل ڪلاس سنئون نه ٿي سگهندو.اڳ ئي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ عوام ۾ ڪو ست نه رهيو آهي مٿان وري هڪ ئي ڌڪ سان پيٽرول جي 35 رپيا في لٽر قيمت وڌائڻ سان عوام انهي رکي ماني ڳڀي کان به  محروم ٿي ويندو  جيڪو هو جيئن تيئن ڪري پاڻ ۽ پنهنجي خاندان کي مهيا ڪرڻ جو بندوبست ڪندو هو.

اسان سمجهون ٿا ته ڀلي کڻي ڪهڙيون به حالتون هجن پر انهن مان نڪرڻ جو رڳو اهو واحد رستو ناهي ته عوام تي بار وڌو وڃي.حڪمرانن کي سڀني کان وڌيڪ آسان ۽ سولو رستو اهو ٿو نظر اچي ڇاڪاڻ ته  اهي پنهنجي ڪلاس يا مراعت يافته طبقي جون سهولتون ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ بدقسمتي سان سياسي ڌريون پوءِ اهي حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾ انهن جو تعلق به انهي ڪلاس سان آهي ۽ اهي رڳو هڪٻئي خلاف سياسي مفادن لاءِ ته آمهون سامهون ٿين ٿا پر عوام جي مفادن لاءِ هڪٻئي سان وڙهڻ لاءِ تيار ناهن. تنهن ڪري حڪمران ۽ سياسي ڌريون ان ڏينهن کان ڊڄن جڏهن عوام پاڻمرادو رستن تي هوندو ۽ پنهنجي حقن لاءِ ڪنهن سياسي ڌر ڏانهن ڏسڻ بدران پنهنجي ويڙهه پاڻ شروع ڪندو۽ هي صورتحال عوام کي اوڏانهن وٺي وڃي رهي آهي.