ھي گوءِ ۽ ھو ميدان

0
170
ھي گوءِ ۽ ھو ميدان

مريم نواز جي وطن واپسي ثبوت آھي، انھن سياسي سچائين جو، جن کان ڪو بھ ذي شعور شخص انڪار ڪري نھ ٿو سگھي. سڀ کان پھرين پوائنٽ اھا آھي تھ مريم نواز تنھا واپس وري آھي. جڏھن تھ پاڪستان جا سياسي پنڊت اھي پيشن گوئيون ڪري رھيا ھئا تھ ھوءَ پنھنجي والد سان گڏ ورندي ۽ پورو پاڪستان نھ تھ گھٽ ۾ گھٽ پنجاب مڪمل طور تي متوجھھ ٿيندو. ممڪن آھي تھ پيءُ ۽ ڌيءَ جي گڏجي اچڻ تي پنجاب جي دل دھل بڻجي نھ وڄي ھا تھ بھ گھٽ ۾ اھا اڪيلائي ۽ اھا ڪشمڪش تھ ھڪ حد تائين ھرگز نھ ھجي ھا، جيڪا ھن مھل مسلم ليگ ن جي حلقن ۾ سياري جي سرد ھوا وانگر گھوگھٽ ڪري رھي آھي.

                 “ميان نواز شريف کي موڪل ملي ھا تھ ھو آخر ڇو نھ اچي ھا؟” اھو دليل ن ليگ جي ان سينئر لاٽ (Senior Lot) کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪافي ناھي، جيڪو شھباز شريف جي ذاتي ۽ خانداني مفاد لاءِ پنھنجي سياسي مسقبل کي قربان ڪرڻ لاءِ نھ تيار ھو ۽ نھ آھي. مسلم ليگ ن جي اھم اڳواڻن جو موقف آھي تھ شھباز شريف پاران اقتدار جي آڱر چٽڻ جي قيمت ايتري گھڻي آھي، جنھن جو احساس ست سمنڊ پري ويٺل پارٽي قيادت کي ھجي ھا تھ ھوند “اھليان پنجاب” پنھنجي صوبي ۾“احساس تنھائي” مان نھ گذرن ھا.

مسلم ليگ ن تي مشرف جي دور ۾ بھ ايترو دٻاءُ نھ ھو جيترو ھاڻي آھي. مشرف مسلم ليگ ن مٿان پورو پريشر وڌو ھو ۽ ان پريشر جي نتيجي ۾ ن ليگ جا حامي حلقا پنھنجين مجبورين جو ذڪر بھ ڪرڻ لڳا ھئا پر ان جي باوجود مسلم ليگ ن جي حامي حلقن ۾ ميان نواز شريف جي لاءِ ھڪ طرح جو احساس جرم موجود ھو ۽ وقت گذرڻ سان جيئن مشرف غير مقبول ٿيڻ لڳو تيئن نواز شريف جي لاءِ پنجاب جي دل ۾ نرم گوشو وڌڻ ويجھڻ لڳو.

جبري جلاوطني ۽ پاڻ مرادي وطن کان پري رھڻ ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو آھي. پرويز مشرف جو جبر جنھن پارٽيءَ کي جلائي نھ سگھيو، اھا پارٽي ھن مھل عمران خان جي پاران پيدا ڪيل سياسي پريشر ۽ شھباز شريف جي اقتدار پرستيءَ سبب پنھنجا بنياد نھايت ڪمزور ٿيندي محسوس ڪري رھي آھي. ھاڻي پنجاب جي برادرين جو سلوڪ ساڳيو ناھي. ڇو تھ ميان شھباز شريف پاران ڪجھھ مھينن جو اقتدار وٺي پوري پارٽيءَ جي ساک کي داءَ تي لڳائڻ وارو عمل مسلم ليگ ن جو ڪو ڪارڪن بھ صحيح نھ ٿو سمجھي. مسلم ليگ ن جي لاءِ سوا سال جو اقتدار ڏاڍو مھانگو پيو آھي. ان سوا سال جي اقتدار سبب پاڪستان جي چيڙھي پارٽيءَ جو شيرازو مڪمل طور تي منتشر ٿي ويو آھي. اھو ئي سبب آھي تھ پارٽيءَ ۾ ھوندي بھ خاقان عباسيءَ ۽ سعد رفيق جي لفظن ۽ لھجن جو انداز ئي ڪجھھ الڳ آھي. ھن وقت سڀ کان وڏو بار مريم نواز جي ڪلھن تي آھي. ھن کي ھڪ ئي وقت چئن محاذن تي ويڙھه ڪرڻي آھي. ھڪ تھ ھن کي منتشر ٿيندڙ پارٽي منظم رکڻي آھي. ٻيو تھ ھن کي عوامي سطح تي پنھنجي ساک بحال ڪرڻي آھي. ٽيون تھ ھن کي شھباز شريف جي حڪومت سبب پوندڙ سياسي نقصان جو ازالو ڪرڻو آھي ۽ چوٿون ھن کي اسٽيبلشمينٽ کي ان معاملي تي قائل ڪرڻو آھي تھ عمران خان نامي طوفان کي منھن صرف ھن جو والد نواز شريف ئي ڏئي سگھي ٿو، ان ڪري ھن کي ملڪ واپس ورڻ جي اين او سي ڏني وڃي. مريم نواز ھڪ مشن امپاسيبل کي پاسيبل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿي آھي پر ھوءَ ان حڪومت جو حصو آھي، جنھن حڪومت مٿان غريبن جي پيٽ تي لت ڏيڻ ۽ پاڪستان کي معاشي طور تي برباد ڪرڻ جا اھي الزام لڳن ٿا، جن جو جواب عمران خان جي اھا چار سالن واري سرڪار ناھي، جيڪا ماڻھن کان وسري وئي آھي. ھو تھ ان عمران خان کي سڃاڻين ٿا، جيڪو سرڪش مخالف ڌر بڻجي مسلم ليگ ن کان پنجاب جو آخري مورچو بھ کسي رھيو آھي.

مسلم ليگ ن جي سينئر اڳواڻن کي اھا سچائي شدت سان محسوس ٿي رھي آھي تھ ھو ھڪ ھارائيندڙ جنگ وڙھي رھيا آھن. ھو عمران خان جي عوامي شھرت جو مقابلو ڪرڻ کان مجبور آھن. انھن کي محسوس ٿي رھيو آھي تھ ھو ڀرپور سياسي دور انھن جي پاسي ھو پر شھباز شريف جي موقعي پرستيءَ سڀ ڪجھھ ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو. ھو جيڪي پنجابيءَ ۾ ھلندڙ ميٽنگن دوران بار بار توائيءَ ۾ ھٿ ملين ٿا ۽ اھو چون تھ جيڪڏھن صرف ڪجھھ مھينا انتظار ڪيو وڃي ھا تھ اڄ عمران خان کي ڪٿي لڪڻ جي جاءِ نھ ملي ھا تھ پوري پنجاب ۾ صرف ميان نواز شريف جا نعرا وڄندا ٻڌا وڃن ھا. جڏھن تھ ھن وقت جي صورتحال بنھھ ابتي آھي. ھاڻي عمران خان ھيرو ۽ ھن جا مخالف پنھنجي لاءِ “زيرو” ھجڻ جا تلخ تبصرا ٻڌن ٿا.

مسلم ليگ ن جي صدر شھباز شريف پاران پنھنجي پارٽيءَ جو روزو ٽپھريءَ جي مھل ٽوڙائڻ واري فيصلي جا نتيجا مسلم ليگ ن جي انھن ھمراھن لاءِ قابل قبول ناھن، جيڪي پنھنجن حلقن ۾ پنھنجين حامين جا خار ۾ ڀريل خيال خاموشيءَ سان ٻڌن ٿا ۽ جڏھن پاڻ ۾ ملن ٿا تھ ڪنھن نھ ڪنھن پنجابي پھاڪي سان من مٿان آيل مونجھھ کي ھٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مريم نواز پنجاب جو طوفاني دورو پنھنجي وطن واپسيءَ کان اڳ ۾ شيڊيول ڪري رکيو ھو پر ڇا ھوءَ ان دوري مان ايتري عوامي مقبوليت حاصل ڪري سگھندي؟ جيتري عوامي مقبوليت پارٽيءَ جي مايوس اڳواڻن ۾ وري نئين اميد پيدا ڪري سگھي!

ھڪ طرف عمران خان اھو اعلان ڪري چڪو آھي تھ ھو تمام جلد پنھنجن پيرن تي بيھڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ چونڊ مھم لاءِ نڪرندو ۽ ٻئي طرف مريم نواز پنجاب جي تنظيمي دوري ۽ عوامي رابطي جي مھم تي نڪرڻ جو اچڻ شرط اعلان ڪري چڪي آھي. ان صورتحال ۾ پنجاب جو سياسي پس منظر مقابلي جي ان ميدان جھڙو ھوندو، جنھن ۾ ھڪ طرف عمران خان ٻئي پاسي مريم نواز ھوندي. مريم نواز جي پنھنجي سياسي فوج تمام گھڻي مايوس آھي. ڇو تھ ھن جي تنظيمي فوج جا مک جرنل پنھنجي مايوسيءَ جو اظھار ميٽنگن ۾ نھ پر ميڊيا تي ڪري رھيا آھن. دوري دوران مريم سان گڏ ڪير ھوندو؟ ھوءَ ڪھڙن انڪلز جي آشيرواد ۾ تنظيمي تضادن کي ماٺو ڪرڻ ۽ عوامي رابطا اڳتي وڌائڻ واري مھم ھلائيندي؟ ان سلسلي ۾ ھن جي سڀ کان وڏي ۽ اڪيلي مخالف معنيٰ عمران خان کي ڪا پرواھه ڪونھي. جيتوڻيڪ عمران خان جي مٿان اھا تنقيد ٿي رھي آھي ۽ ھو ھاڻي ھڪ حد تائين قبول ڪندو بھ نظر اچي رھيو آھي تھ ھن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جون اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ تڪڙ ڪئي پر ھن جي انھن فيصلن سبب ھن کي ذاتي ۽ تنظيمي طرح سان تھ ڪجھھ تڪليف پھتي آھي پر انھن عملن ھن جي عوامي حمايت تي ڪو بھ ناڪاري اثر نھ وڌو آھي. ھو پنھنجي ان زخمي جسم کي اڃان تائين ڪيش ڪرائي رھيو آھي، جيڪو ميڊيڪل جي حساب سان مڪمل طور تي فٽ فاٽ ھجڻ گھرجي پر پوءِ بھ پاجامي جي مٿان پيڊ ٻڌي انٽرويو ڏيڻ ۽ ميٽنگون ڪرڻ وارو عمران خان پنھنجي عوامي مقبوليت ۾ اضافو ڪري رھيو آھي ۽ ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ مھانگائيءَ جو اھو جِن آھي، جيڪو بوتل کي ڀڃي نڪتو آھي.

پي ڊي ايم حڪومت ڊونر ڪانفرنس جي نتيجي ۾ بھ ڪو اھڙو جلوو نھ پسائي سگھي، جنھن سبب ملڪ ۾ وقتي ئي سھي پر اقتصادي آرام جو جھوٽو اچي سگھي ھا. پاڪستان معاشي طور تي جنھن مصيبت جو شڪار آھي، ان ۾ ھاڻي آھستي آھستي نھ پر تمام تيزيءَ سان اھا شدت اچڻ واري آھي، جنھن جو مقابلو ھيءَ حڪومت ڪنھن بھ صورت ۾ ڪري نھ ٿي سگھي. پي ڊي ايم صرف ملڪ ھلائڻ جي سلسلي ۾ پريشان ناھي پر ھن کي پنھنجي سياسي آئيندي جي حوالي سان سخت وقت نظر اچي رھيو آھي. پي ڊي ايم حڪومت پنھنجو بار پنھنجن ڪلھن تي کڻڻ جي پوزيشن ۾ ناھي. پي ڊي ايم حڪومت ڪنھن اھڙي چڪر ۾ آھي، جنھن سان ھن کي وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھڻ جو موقعو ملي وڃي. جڏھن تھ ھن وقت اھا حڪومت ٻن طوفانن جي وچ ۾ اچي رھي آھي ۽ انھن ٻن طوفانن ۾ ھن جي لاءِ پنھنجو توازن برقرار رکڻ ڪنھن بھ طرح سان آسان نھ ھوندو. ھڪ طوفان جو نالو ھر ڏينھن وڌندڙ مھانگائي آھي ۽ ٻئي طوفان جو نالو گذريل ڏينھن کان وڌيڪ مقبول ٿيندڙ عمران خان آھي. اھو عمران خان جيڪو يوٽرن بھ وٺندو رھيو آھي ۽ جيڪو متضاد موقف رکڻ جو ماھر آھي پر ھن پنھنجي مخصوص انداز سان بار بار ساڳيا ڪوڙ ورجائي پنھنجي حامين کي پاڻ سان ايترو تھ ھم آھنگ بڻائي ڇڏيو آھي جو ھو ھن جي بانسريءَ تي بيخود ٻار بڻجي وڃن ٿا.

پاڪستان ھڪ پريشان ملڪ جو نالو آھي. “ان جي پريشانيءَ ۾ سياسي سرڪشيون شدت جو باعث بڻجڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪنديون؟” اھو سوال اسٽيبلشمينٽ جي اکين ۾ لھي چڙھي رھيو آھي. اسٽيبلشمينٽ جي ٿنڪ ٽينڪ بار بار اھو مثال پيش ڪري رھي آھي تھ “طوفان ۾ ڪانو بھ ھڪ ٻئي جي ويجھو اچي ويندا آھن. ھن وقت ۾ ملڪ جي سمورن سياستدانن کي ھڪ ڇٽيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي” پر عمران خان اھا آفر تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. عمران خان مشڪل ۾ آيل ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جي موجوده پريشانيءَ مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ اھا رسڪي راھه آھي. پر اڌورو اقتدار ماڻڻ واري عمران خان کي ھن ڀيري مڪمل ۽ اھو بھ آزاد اقتدار گھرجي. ھو پورو پاور انجواءِ ڪرڻ چاھي ٿو. ھن جو اھڙو انداز ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ ان موڙ تي وٺي آيو آھي، جنھن موڙ تي مريم نواز پاڻ کي گھڻن دٻائڻ جي وچ ۾ تمام تنھا محسوس ڪري رھي آھي. ھوءَ پنھنجي وجود جي پوري سگھھ کي ميڙي سياسي ويڙھه وڙھڻ آئي آھي. ھن جي سوڀ جا امڪان ففٽي ففٽي بھ چئي نھ ٿا سگھجن. ڇو تھ ھن کي صرف عمران خان جي حمايت نھ ڪرڻي آھي پر ھن کي ان حڪومت جي حمايت بھ ڪرڻي آھي، جيڪا ھن جي سياسي مستقبل جي سامھون سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي بيٺي آھي.

ڀڳل ٻانھن کان وڌيڪ ڀڳل دل سان وڙھڻ مشڪل آھي.