سنڌي زبان سان پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٿيندڙ ناجائزيون!

 

سال 2011ع کان مان پرائيويٽ اسڪول ڪراچي ۾ سنڌي استاد طور ڪم شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين سلهاڙيل آھيان، پرائيويٽ اسڪولن جون هن زبان سان ٿيل ناجائزيون قابل برداشت نه آھن، هي صوبائي زبان آھي، هتان جي رهاڪن، نوجوانن کي خاص ڪراچي شھر ۾ ٻارن کي وڏي ڏکيائين جو شڪار ٿيڻو ٿو پوي، پر اهي انهيءَ ڪري جو ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي الفابيٽ به نٿي پڙھائي وڃي، ڪافي اھڙا اسڪول آھن جتي ڪلاس ڇھين کان سنڌي پڙھائي وڃي ٿي، جتي اڳتي هلي ٻارن کي وڏين ڪلاسن ۾ تمام گھڻي ڏکيائيءَ جو شڪار ٿيڻو ٿو پوي، ٻار صحيح تلفظ صحيح الف ب نه پڙھڻ ڪري ھو تمام گھڻو ھن زبان ۾ پريشان ٿي وڃن ٿا، تنھن جي ڪري اسان موجوده تعليم واري وزير سائين سردار علي شاهه کي عرض ڪنداسين ته ڪراچي ۾ ھلندڙ پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڪلاس ٽئين کان ڪلاس ڏھين تائين سنڌي لازمي قرار ڏني وڃي ته جيئن وڏن شھرن ۾ رھندڙ مختلف زبانن جا ٻار ھن زبان جو صحيح استعمال ڪن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ پرائيوٽ جا اهي اسڪول جيڪي هن وقت سنڌي نٿا پڙھائين، انهن تي ڪڙي نظر رکي انھن اسڪولن کي سيل ڪيو وڃي، جيڪي هن زبان کان نفرت ڪن ٿا، انهيءَ کان پوءِ سائين سرڪار کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ياد ڪرائيندو ھلان ته ڪراچي ۾ ھلندڙ وڏا اسڪول او ليول ۽ اي ليول توڙي بيڪن هائوس جي اسڪولن تي سائين سرڪار ھڪ نوٽيس به ڪڍيو هو ۽ اسيمبلي ۾ بل به پاس ڪرايو هو ته سنڌي لازمي پڙھائي وڃي پر انهن وڏن اسڪولن ۾ ڪٿي به انهي ڳالھه تي عمل نه ٿيو آھي، تنهن ڪري اسان سائين سرڪار کي عرض ڪنداسين ته انهيءَ ڳالھه ۽ نوٽيس تي عمل ڪرائي وڏن اسڪولن ۾ سنڌي لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ پنهنجي مادري توڙي صوبائي سطح تي هن زبان کان ماڻھو واقف ٿين ۽ اسان جي مادري زبان جو معيار وڌي. ڪراچي ۾ ھلندڙ پرائيوٽ اسڪولن ۾ تمام گھڻا پبلشرز ٿي چڪا آھن پر انهي موجوده پبلشرز ۾ سنڌ ٽئڪسٽ بوڪ بورڊ جو معيار ڏينهنون ڏينهن گهٽ ٿيندو وڃي، تنهن ڪري سنڌ ٽئڪسٽ جو معيار وڌڻ کپي، گهٽجڻ نه کپي، هن پبلشرز ۾ ڪي نوان سبق لڳايا وڃن، ڪا نئين تاريخ لکي وڃي ته جيئن ٻارن کي هن زبان سٺي نموني سٺي تاريخ مان فيض حاصل ڪن. سنڌ ٽئڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين کي التجا ڪندس ته ڪراچيءَ جي هلندڙ اسڪولن ۾ سولي سنڌي وارن ڪتابن ۾ ڪو نئون مواد آندو وڃي ته هن ٽئڪسٽ جو معيار اڳتي اچي، اسان جي سنڌ تي ڪا نئين شيءَ ڪا سنڌي ليکڪ ڪتاب ۾ آڻين، گهڻي عرصي کان اسان هن ڪتاب ۾ سلهاڙيل آھيون پر هن جديد دور ۾  ڪا جديد شيءِ يا نئون مواد ڪتابن ۾ آندو وڃي ته تمام گھڻو فائدو ٿيندو!

 

ايم اسلم سميجو/ ڪراچي

هن مهانگائي ۾ غريب کان ٻن ويلن جي ماني به کسجي وئي!‎‎

 

هن مهانگائيءَ جي دور ۾ هاڻ ته غريب کان هڪ وليلي جي مانيءَ جو ملھه به مهانگو ٿي ويو آهي، اڄ ڪلهه جي هن دور ۾ بکايل پيٽ لاءِ روزي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ته الائي ڪيترين ئي اُگهاڙين اذيتن مان گذرڻو ٿو پوي، هر برائي نه چاهيندي به ڀاڪُرن ۾ ڀرجندي رهي ٿي! ڇو ته اسان پنهنجو پاڻ مان انسانيت جو احساس گهڻا ڏينهن اڳ ئي وڃائي ويٺا آهيون، هر خرابيءَ جو کيسو ڄڻ ته اسان جي ئي سيني ۾ سبيل هجي، جنهن جي معيار کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجو پاڻ سان کڻي هلڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪندا آهيون! هن سماج کي ساڙيندڙ ٺري جي موالين تي لکجي ته آخر ڇا لکجي؟ جن جا ٻار بک جي اکين جو ڀِنل درد بڻجي صدمن جي صليب تي سڏڪندا ئي رهن ٿا، ان درد جي تاريخ کي آخر ڪهڙي دور جي دامن ۾ دفن ڪجي، جو اسان جي اندر ۾ اجرائپون اکيون کولي سجاڳيءَ ۽ سٺائيءَ جا سلام ڏيڻ لڳن، سچ پڇو ته مون هميشه پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ڊگهي آوارگي ۽ پاڻ کي رلندي محسوس ڪئي آهي، جنهن ۾ سڪ سسئيءَ جيان صدائن جا سفر لتاڙيندي رهي ٿي پر وفائون ڪنهن به واٽ تي وساميل ڏيئي جيان به نظر ئي نٿيون اچن؛، دغائن جي دور ۾ دلبريون ڳولجن ته آخر ڪٿي ڳولجن؟ جتي ڪئين حسن حوس جي هٿن ۾ ڇڻي بدصورتيءَ جي ڀيل جو نشانو بڻجي ويندا آهن ۽ عياشيءَ جي کليل اکين اڳيان ڪيتريون ئي ڪنوارپون، ڪنڌ جهڪائي قتل ٿينديون رهن ٿيون. اسان ان ملڪ ۾ جيئون ٿا جنهن ۾ زندگيءَ سان سموريون وابسطا شيون، ماڻهوءَ جي قد ۽ هٿ جي پهچ کان به مٿاهيون ۽ مهانگيون ٿي ويون آهن پر راتين کي رونقون بخشڻ لاءِ ان ئي ملڪ جي ماڻهن جا جسم سستا وڪاڻا ويندا آهن. اسان جي اندر مان اجرائپ جا احساس حقيقتن جو حسن وڃائي ويٺا آهن هر برائيءَ جي بيماري اسان جي ذهنن کي ضعيف ۽ لاغر ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جا اسان کان وڃائجي ويل وجود ڄڻ ته وطن جي ويڙهه کان اڳ ئي مارجي ويا ھجون.

 

مطلوب احمد جوڳي/ ٺري ميرواهه

ڪاڇي ۾ صحت جون اڻلڀ سهولتون‎‎!

 

ڪاڇي ۾ ٻوڏ کان وٺي هن وقت تائين سوين انساني جانيون موت جي منهن ۾ هليون ويون آهن پر اختيارين جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي سُري، صحت کاتي جي بالا آفيسرن جا نوٽيس، صرف نوٽيس ئي رهجي ويا آهن پر حقيقت اها آهي ته صحت کاتو بيمارين تي ضابطو آڻن ۾ مڪمل طور ٿي ناڪام ٿي چڪو آهي. ڪاڇي جي صحت جي اهڙي خراب صورتحال بابت خبرون نشر ٿيون آفيسر جا نوٽيس نڪتا، دورا ٿيا، ٽيمون پهتون پر ڪاڇي واسين کي ڪجھه به هڙ حاصل نه ٿيو. ڪاڇي ۾ ڪنهن به اسپتال کي اپگريٽ ناهي ڪيو ويو. واهي پانڌي جي آر ايڇ سي عمارت کي فعال ناهي بڻايو ويو، ڊرگھه بالا اسپتال کي 3  ادارا هلائي رهيا آهن، ان هوندي به اتي ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. 2 وڳي کان پوءِ اسپتال کي تالا لڳي ويندا آهن. ٽنڊو رحيم خان  واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي، ڇني ساوڙو قصبو سميت پوري ڪاڇي ۾ ڪٿي به علاج لاءِ ڪي جوڳا بندوبست ناهن، نتيجي ۾ علائقي واسي بي وقتائتو موت مري رهيا آهن. ڪاڇو سنڌ جي اهڙي سوني جھرڪي آهي جتان تيل ۽ گئس جا ذخيرا نڪرن ٿا پر ان جي باوجود به هتان جا انسان صرف انساني بنيادي سهولتن جي لاءِ واجھائي رهيا آهن، ان سموري معاملي ۾ هتان جي چونڊيل نمائندن جو ڏوهه آهي، اهي هتان جي تيل گئس ڪڍندڙ ڪمپنين مان ملندڙ فنڊ پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي پارٽيءَ جا خرچ پورا ڪرڻ ۾ کپائي ۽ ڳڙڪائي رهيا آهن، جڏهن ته انهن فنڊن تي حق صرف هتان جي عوام جو آهي، اهي ملندڙ فنڊ صرف هن علائقي جي رهواسين جي سولتن تي خرچ ڪرڻ جي لاءِ کين ملندا آهن پر هتي کير جي رکوالي دَک ٻِلي جي حوالي ڪئي وئي آهي، جيڪو سڄو سمورو کير ڳڙڪائيندو پيو وڃي پر هتان جا ماڻهو، بک، بيروزگاري، صحت جي سهولتن جي اڻ هوند، تعليمي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هتي نه روڊ رستا ٺهيل آهن، نه ئي هن علائقي مان جتا گئس ۽ تيل نڪري ٿو اهي سهولتون هن علائقي جي رهواسين کي ڏنيون ٿيون وڃن، هتان جا رهواسي اڄ به بجليءَ نه هجڻ سبب اوندهه ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، هتان جي رهواسين کي هن علائقي مان نڪرندڙ گئس کان پڻ محروم رکيو ويو آهي. اسان جي سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي عرض آهي ته اسان جي علائقي جا بنيادي مسئلا حل ڪرائي هتان جي رهواسين کي سندن حق ڏياريا وڃن.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

“م” اکر “محبت” آهي، سسئي پنهون جو داستان!

 

سسئي جو تعلق برھمڻ آباد جي خاندان سان ھيو، سندس پيءُ جو نالو مئو برھمڻ ۽ ماءُ جو نالو معدور برھمڻ ھو، مئو برھمڻ ۽ معدور برھمڻ کي ڪو اولاد نه ھئو ته سسئي پيدا ٿي ته والدين، مائٽن، نجوميءَ کان جنم پتڻي ڪڍرائين، جنهن ۾ نجوميءَ والدين کي چيو ته ھن جي شادي ڪنهن مسلمان سان ٿيندي ته سسئيءَ جو والد ۽ والده اھو ٻڌي روئي سسئيءَ کي صندوق ۾ وجهي درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪا اچي ڀمڀور شهر جي گهاٽ مان نڪتي، جيڪا محمد نالي ڌوٻي کي ملي، ته محمد ڌوٻي ۽ سندس زال کي ڪو اولاد نه هو، ان چنڊ جھڙيءَ سهڻي نينگريءَ جو نالو سسئي رکيائون، سسئي مطلب “چنڊ جهڙي” نوران علائقن مان واپاري قافلا اچي لٽمار ڪندا ھئا، مڪران جو شهزادو پنهون سسئي جي حسن جي ھاڪ ٻڌي بمڀور پهتو، ساٿين کان موڪلي پاڻ اتي رھي پيو، ويس بدلائي محمد ڌوٻي وٽ ملازم ٿي ڌوٻي گهاٽ ته ڪپڙا ڌوئڻ لڳو، جتي سندس ملاقات سسئي سان ٿي، سسئي ۽ پنهون جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي، سسئي جي شادي مائٽن پنهون سان ڪرائي ڇڏي، اھا ڳالهه پنهونءَ جي ڀائرن ۽ ساٿين تائين وڃي پهتي، سسئي سوير سمهي پئي تڏھن پنهون کي جڏهن ڀائرن نشو ڏئي رات پيٽ ۾ ڪيچ ڏانهن کڻي روانا ٿيا ته صبح جو سسئيءَ پنهون جي پٺيان اڪيلي رواني ٿي وئي، مئٽن مائٽن، سهيلين، گهر ڀاتين جي روڪڻ بعد به اھا نڪري پئي ۽ عورت ٿي اڪيلي سر پٻ ۽ هاڙهي جا ويران ۽ ڏکيا جبل لتاڙي ڦور ندي ۽ لس ٻيلي تائين پيرين پنڌ وڃي رھي ھئي، اٺن جا پيرا ڏسندي چيائين منهنجو پنهون ھن اٺ تي ئي سوار ٿيل آ، جنهن جا پيرا آئون پئي ڏسان. ايل پوان نالي ٻڪرار ھو جنهن سسئي کي سامهون کان ڏٺو ته ان جي مٿس نيت خراب ٿي پئي، تڏھن سسئي روئي ڌڻي تعاليٰ کان پناهه گهري ته ان مهل زمين ڦاٽي ٻه حصا ٿي پئي، سسئي ان ۾ گهڙي وئي، سسئي جو رَئي جو پاند ٻاھر رھجي ويو، اھو لڪاءُ ايل پوان ڏسي اتي ئي سسئي جي قبر ٺاھي مجاور ٿي ويهي رهيو، ھوڏانهن پنهون ھوش ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي ڀائرن سان وڙھي گهران نڪري پيو، رستي ۾ ايل پوال کان سسئي جو ڏس پتو پڇيائين تنهن تي ايل پوان سڏي حقيقت ڪري ٻڌائي، پنهون بعد ۾ سسئي کي رَئي تان سڃاڻي ورتو، ان بعد پنهون به سسئي سان ھڪ ٿيڻ لاءِ رب تعاليٰ کان دعا گهري ۽ پوءِ ساڳي طرح ٻيهر زمين ڦاٽي ٻه حصا ٿي پئي ۽ پنهون به ان ۾ سمائجي ويو، وڃي سسئي سان مليو ۽ ٻئي ھڪ ٿي ويا. سندس جا ٻه پسنديده شعر

اکيون آريءَ ڄام جون اَنڌيءَ سين آهين،

هو جي وڻ وندر جا سي مون سونهائين،

ڏسيو ڏيکارين پيشاني پُنهونءَ جي.

هن انڌيءَ (سسئي) سان آريءَ ڄام (پنهونءَ) جو اکيون ساڻ آهن، اُهي ئي وندر جي وڻن ڏانهن منهنجي رهبري پيون ڪن، اهي ئي پنهون جي پيشاني پسي وري مون کي ٿيون ڏيکارين،

 

شيراز تنيو / نصيرآباد

 

جسٽس عائشه ملڪ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي پهرين عورت جج!

 

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي پهرين عورت جج جسٽس عائشه ملڪ جو نالو بي بي سي جي 2022ع جي 100 بااثر عورتن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڳالهه اها آهي ته گهڻين عورتن جن پنهنجي همت، بهادري ۽ ڪم جي حوالي سان ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، انهن مان هڪ نالو سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج جسٽس عائشه ملڪ جو آهي، جيڪا اعلى تعليم ۽ تربيت جي ڪري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اندر هن وقت ملڪ ۾ عدالتي نظام خاطر خدمتون انجام ڏئي رهي آهي. جسٽس عائشه ملڪ پنهنجي بنيادي تعليم پئرس ۽ نيويارڪ مان حاصل ڪئي. ڪراچي گرامر اسڪول منجهان سينئر ڪيمبرج ڪيو، جنهن کان پوءِ لنڊن مان فرانس هالينڊ اسڪول فار گرلز مان اي ليول ڪيو. پاڪستان ڪاليج آف لا، لاهور مان قانوني جي تعليم حاصل ڪئي بعد ۾ جسٽس عائشه ملڪ هارورڊ لا اسڪول ڪيمبرج، ميسا چوسٽس آمريڪا مان ايل ايل ايم ڪئي، جتان شاندار قابليت لاءِ لنڊن ايچ گيمن فيلو 99-1998ع جو نالو ڏنو ويو. 2004ع ۾ لا فرم جي لاهور آفيس جي انچارج ڪارپوريٽ اينڊ ليگيشن ڊپارٽمنٽ جي سربراهي ڪئي، تنهن کان سواءِ ماسٽر آف بزنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان قانون جي تعليم ڏني. جسٽس صاحبه مرڪنٽائل لا ڪاليج آف اڪائونٽنگ اينڊ مينيجمنٽ سائنسز ڪراچي ۾ ليڪچرر پڻ رهي. جسٽس عائشه ملڪ هاءِ ڪورٽ، ضلعي عدالتون، بينڪنگ ڪورٽ، اسپيشل ٽربيونل ۽ ثالثي ٽربيونل ۾ پيش ٿي چڪي آهي. جنهن کي انگليڊ ۽ آسٽريليا ۾ خانداني قانون جي معاملات ۾ ماهر شاهد طور به کيس گهرايو ويو، جنهن ۾ ٻارن جي تحويل، طلاق، عورتن جي حقن ۽ پاڪستان ۾ عورتن جي آئيني تحفظ جا مسئلا شامل آهن، جيڪا غربت جي خاتمي جي پروگرام، مائيڪروفئنانس پروگرام، مهارتن جي تربيتي پروگرام ۾ شامل اين جي اوز لاءِ صلاحڪار طور خدمتون ڏئي چڪي آهي. جنهن سپريم ڪورٽ جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي شايع ٿيڻ واري پاڪستان ڪاليج آف لا جي 2006-1956ع جي چونڊ ڪيسن کي به مرتب ڪيو، جيڪا آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي اشاعت، گهريلو عدالتن ۾ بين الاقوامي قانوني تي آڪسفورڊ پورٽس لاءِ پاڪستان جي رپورٽر پڻ رهي چڪي آهي. هن وقت جسٽس عائشه ملڪ صاحبا جو نالو بي بي سي جي 2022ع جي بااثر عورتن واري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪا پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ پهرين عورت جج جي حيثيت سان پنهنجا فرض انجام ڏئي رهي آهي ۽ ملڪ جي سپريم عدالت جي خدمت ڪري رهي آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

ملڪي عوام سان اڃا الائي ڪهڙو حشر ڪيو ويندو؟

 

ملڪ جو هر ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي چڪو آهي، خبر ناهي ته عوام سان آخر ڪهڙو حشر ٿيندو؟ ان لاءِ ڪهڙي پلاننگ آهي؟ هر اداري جو تباهيءَ ڏانهن سفر جاري آهي، ملڪ ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي، ڪو آفيسر آفيس ۾ ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ملڪ ۾ امير وڌيڪ امير ٿيندو ٿو وڃي ۽ غريب ويتر غريب ۽ وچون طبقو ته آپگھات ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪو آهي، ڇو ته هو سستي اٽي واري لائين توڙي ڪنهن به اهڙي جڳهه تي وڃي نٿو سگهي، هو به هڪ معيار ٺاهڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي. حڪومت ۾ ويٺل چند ماڻهو وسيلن تي اهڙا ته هاوي آهن، اسان تي هنن جي اشارن تي ۽ پلاننگ سان هر ماڻهو مفلوج ٿي وڃي ٿو، هن وقت جيئن هر ماڻهو لائين ۾ لڳل آهي، اسان جون امڙيون ۽ ڀينرون بينظير انڪم سپورٽ واري لائين ۾ سڄو ڏينهن ڌڪا ڪائين ٿيون ته وري بابو ۽ ادا ڪڏهن ڀاڻ وٺڻ لاءِ لائين لڳن ٿا ته ڪڏهن سستي اٺي واري لائين ۾ ته ڪڏهن روڊن ۽ رستن تي دانهون ڪندي ته انصاف ڪيو، روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان وارو واعدو پورو ڪيو، پر ڪو ٻڌي ئي نٿو. سنڌ ۾ ته هڪ هٽي لڳل آهي، اتي اوهان جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪونهين، ڪو دور هوندو هو جي اوهان ڪنهن اداري لاءِ ڪنهن اخبار ۾ ٿورو لکيو ته ڀڀڙ ٻري پوندا هئا ۽ ٿرٿلو مچي ويندو هو پر هاڻ مجال آ جو ڪو فرق پوي! ان جو ڪارڻ هيٺ کان وٺي مٿي تائين ڪرپشن، انڪوائري آفيسرن جا کيسا گرم ٿيڻ آهي، هو لکي ڏيندو ته هي آفيسر ايماندار آهي، ڪنهن ظلم خلاف ڳالهائيندڙ ۽ ڪرپشن کي وائکو ڪندڙ بليڪ ميلر جي لسٽ ۾ ليکيو وڃي ٿو، هتي ڏوهاري ڀوتار ۽ سچائي کي بيوقوف ڪوٺيو ويندو آهي، هي زهر هر انسان جي رڳن ۾ نشي جيان ڦهلجي چڪو آهي. جي ڊي اي جيڪو عوام جو حشر ڪيو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو نه ٿيو هوندو. ڊالر ۽بصر جو مقابلو آهي، ٻنهي کي پر لڳل آهن، انهن جي اڏام به الائي ڪٿي دنگ ڪندي، هر شيءِ جا صبح جي اک کلڻ سان اگھه نوان هوندا آهن، مسڪين ماڻهو اگھه معلوم ڪري گھرن ڏانهن هٿين خالي موٽي ويندا آهن، خريداري انهن جي وس کان ٻاهر هوندي آهي، هر روز احتجاج، ڌرڻا لڳايا وڃن ٿا پر ڪنهن تي به ڪو فرق ئي نٿو پوي ۽ ڪنهن کي ڄاڻ ناهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان سان ڪهڙو حشر ٿيندو يا ٿيڻ وارو آهي.

 

علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو

 

IBA پنهنجي غلطين تي نظرثاني ڪري!

 

تازو IBA سکر پاران 5 کان 15 اسڪيل تائين جي نوڪرين لاءِ گريجيوئيٽ ڪيٽيگريءَ وارن اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وئي پر انتهائي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته هن ٽيسٽ ۾ اسلاميات 100 مان 1 سوال هو، اسلامي ملڪ هئڻ باوجود به اسلاميات سبجيڪٽ کي ڪا به اهميت نه ڏني وئي، اسلاميات جي سبجيڪٽ کي نظرانداز ڪري نوجوان نسل کي اسلام کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان پوءِ ٽيسٽ ۾ سنڌي سبجيڪٽ کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو، هن ٽيسٽ ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو نالو نشان ئي نه هو، جيڪو نه رڳو سنڌي ٻوليءَ پر سنڌي قوم سان ناجائزي ڪئي وئي آھي. اسان جي نوجوان نسل کي سنڌي ٻوليءَ کان پري رکڻ جي هڪ ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي آهي، انگريز حڪومت ۾ انگريز حڪمران هوندي به سنڌ جي دفتري زبان سنڌي هئي، سرڪاري عهدو ان کي ڏنو ويندو هو جيڪو سنڌي ٻولي لکي ۽ پڙهي سگهندو هو پر افسوس جو هن وقت سنڌ تي سنڏي حڪمران هوندي به سنڌي ٻوليءَ کي ڪا به اهميت نٿي ڏني وڃي. سنڌي لکندڙ، پڙھندڙ سرڪار وٽ نااهل آھن. رب پاڪ خير ڪري، ايئن نه ٿئي جو حڪمرانن جي هن رويي سبب هڪ ڏينهن سنڌي ٻولي ئي ختم ٿي وڃي. اسان IBA جي هن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اداري کي ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته پنهنجي غلطين تي نظر ثاني ڪري ۽ ايندڙ ٽيسٽن ۾ اسلاميات ۽ سنڌيءَ کي پڻ ٻين سبجيڪٽن جيتري اهميت ڏني وڃي.

 

محمد اسلم سومرو /کرڙاهه، ٺري ميرواهه

 

ملڪ ۾ توانائيءَ جون وڌندڙ ضرورتون ۽ ان جا متبادل!

 

عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ پاڪستان ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي بحران رياست کي توانائي جي عدم تحفظ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. پاڪستان کي توانائيءَ جي موجوده بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ۽ ان جي پائيدار ترقيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد متبادل توانائي ذريعن خاص طور تي سولر ۽ ونڊ انرجي جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ وڌندڙ آباديءَ جي ڪري محدود وسيلا هر گذرندڙ ڏينهن سان ختم ٿي رهيا آهن جنهن جي ڪري عوام کي اٽي جي کوٽ، گئس جي کوٽ ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان هن وقت موسمياتي تبديليءَ جي ڪري متاثر ٿيندڙ علائقن مان هڪ آهي ۽ اسان جان ۽ مال جي لحاظ کان وڏي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون. پاڪستان توانائيءَ جي برآمدات تي تمام گهڻو دارومدار ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ان تي ضابطو نه رکيو ويو ته توانائيءَ جو موجوده بحران پاڪستان جي اڳ ۾ ئي جدوجهد ڪندڙ معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيندو. توانائيءَ جي هلندڙ تازي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي متبادل توانائيءَ جي ذريعن تي دارومدار وڌائڻو پوندو. هن وقت دنيا شمسي توانائي ۽ ونڊ انرجيءَ ذريعي پنهنجي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي ۽ اسان کي پاڪستان ۾ به ان کي هٿي ڏيڻ جي تمام گھڻي ضرورت آهي.

 

عرفان علي مهر/ بخشاپور