پينٽنگ ۾ تبديل ٿيندڙ ٽي وي متعارف

0
255

نيويارڪ(دلچسپ نيوز)سام سنگ طرفان متعارف ڪرايل دي فريم ”نالي ٽي وي هاڻ اهو سڀ ڪجهه ڪندي.سام سنگ ٽي وي جو ”دي فريم“ ماڊل پنهنجي حيران ڪندڙ خاصيتن سبب ٽن سالن کان خبرن جي سرخين ۾ آهي پر هاڻ دي فريم ٽي وي جو نئون ماڊل 2021ع جي شروعات ۾ ئي متعارف ڪرايو ويو آهي.فريم ليس ٽي وي جو نئون ورجن نه رڳو سنهڙو آهي پر اهو حرڪت (روٽيٽ) به ڪري سگھي ٿو.جيتوڻيڪ اها سام سنگ جي پهرين روٽيٽ ٽي وي نه آهي. هاڻوڪو ورجن متعارف جا سمورا ماڊل تمام گھڻا خوبصورت آهن.جيڪڏهن اوهان ٽي وي ڏسڻ ۾ دلچسپي نٿا رکو ته سام سنگ جو نئون ورجن اوهان کي انوکي چونڊ پيش ڪري ٿو جنهن جي تحت واهپيدار معاوضي جي ادائگي ڪري سام سنگ اسٽور ۾ موجود تصوير جي چونڊ ڪري سگھي ٿو ۽ اها تصوير اوهان جي فريم ليس ٽي وي کي ڪنهن خوبصورت پينٽنگ ۾ تبديل ڪندي.ڪمپني طرفان هن وقت تائين ٽي وي جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو ويو. پر رپورٽن موجب ڪمپني جو نئون ماڊل (32 کان 75 انچن تائين) هوندو جنهن جي قيمت 600 ڊالر کان 2800 ڊالرن تائين ٿي سگھي ٿي.