لعلورائنڪ حيدري سپر ليگ ۾ حيدري ايگل کي سوڀ

0
347

لعلورائنڪ(رپورٽ:پرويز علي خاصخيلي) لعلورائنڪ ۾ حيدري سپر ليگ 3 جي ٻئين رائونڊ ۾ حيدري ايگل ۽ حيدري هنٽر جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. حيدري ايگل جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت ٿيو، حيدري ايگل جي سموري ٽيم مقرر ٿيل 10 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 145 رنسون ٺاهيون، ديدار تونيو شاندار بيٽنگ ڪندي 39 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جواب ۾ حيدري هنٽر جي ٽيم 114 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. حيدري ايگل جي فاسٽ بالر ابرار پيچوهو 4 شڪار ڪيا. ابرار پيچوهو کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.