پوليس راکي ساونت کي انساني همدردي جي بنياد تي آزاد ڪري ڇڏيو

0
471
پوليس راکي ساونت کي انساني

ڪراچي (شوبز نيوز) پوليس راکي ساونت کي انساني همدردي جي بنياد تي آزاد ڪري ڇڏيو، تڪرارن سبب اڪثر خبرن جي سرخين ۾ رهندڙ بالي ووڊ اداڪاره راکي ساونت کي ممبي پوليس انساني همدردي جي بنياد تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي

راکي ساونت کي ممبئي جي امبولي ٿاڻي جي پوليس 19 جنوري تي شيرلين چوپڙا جي شڪايت تي گرفتار ڪيو هو

شيرلين چوپڙا راکي ساونت تي الزام هنيو هو ته هن ڀارتي صحافين کي شيرلين جون اڻوڻندڙ وڊيوز ڏيکاريون، ان کان علاوه اخلاق کان ڪريل زبان جو استعمال ڪيو، جنهن بعد راکي ساونت کي گرفتار ڪيو ويو هو

هاڻ ڀارتي ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته راکي ساونت کي انساني همدردي جي بنياد تي ڇڏيو ويو آهي، پوليس ٿاڻي ۾ هُن کان ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاچ ڪئي، ان کانسواءِ پوليس ٻڌايو ته راکي پنهنجي موبائل ڏني آهي ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي

پوليس موجب راکي ساونت کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ ضمانت جا ڪاغذ ڏيکاريا ۽ ان کي انساني همدردي جي بنياد تي ڇڏيو ويو آهي

هي به پڙهندا

شرلين چوپڙا ڪيس ۾ ڀارتي پوليس راکي ساونت کي گرفتار ڪري ورتو