ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرواهه گورچاڻي واسي ناري ارم راجپوت پسند پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪري ميرپورخاص واسي نوجوان عامر راجپوت وٽ پهتي جتي نوجوان شادي کان  انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ناري گهر واپس وڃڻ لاءِ رڪشا ۾ سوار ٿي وڃي رهي هئا ته رڪشا ڊرائيور کيس مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد ڇڏي فرار ٿي ويو، واقعي بعد ناري وومين ٿاڻي تي پهچي وئي، وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل لغاري موجب ته ناري ارم راجپوت پنھنجي بيان ۾ ٻڌايو آھي ته ھوءَ عامر راجپوت سان ملڻ لاءِ گھران نڪتي، واپسي تي رڪشا ۾ چڙهي جتي رڪشا ڊرائيور ممتاز کيس زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس جرواري شاخ تي ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس موجب ناري جي بيان بعد سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته رڪشا ڊرائيور کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.