حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي ۽ قاسم آباد واسين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا. قاسم آباد جي ڳوٺ وڪيو پالاري جي رهواسڻ فضا جويو پنهنجي گهرڀاتين سميت پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس مڙس وجاهت علي سولنگي پنهنجي چاچن شوڪت علي ۽ محمد علي سان گڏجي کيس وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جتان وجهه وٺي هو پنهنجي وارثن وٽ پهتي آهي. هن چيو ته 15 آڪٽوبر 2022ع تي نوابشاهه سان تعلق رکندڙ وجاهت علي سولنگي سان پسند جو پرڻو ڪيو هو. ڪجهه مهينا سندس مڙس جو سلوڪ سٺو رهيو پر بعد ۾ مٿس تشدد ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي کيس وڪرو ڪيو پئي ويو جتان هو والدين وٽ پهتي آهي، انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڪوٽڙي جي رهواسين گهر ڊاهڻ تي ريلوي پوليس خلاف احتجاج ڪيو. پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران غلام حيدر، عبدالوحيد ۽ ٻين چيو ته ريلوي پوليس ڪوٽڙي سندن بنا جواز گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. جيڪڏهن هي غيرقانوني ويٺل آهن ته پوءِ ايس ايڇ او ريلوي پوليس جا مائٽ به غيرقانوني گهر ٺاهي ويٺا آهن جن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي.