پنهنجي تصوير ڪهاڻي

0
563

علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي، چاهي پوءِ ان لاءِ ريڙهي هيٺان ئي ڇو نه ويهڻو پوي، جيئن هي ٻارڙو ريڙهو به هلائي ٿو ته ان دوران ريڙهي هيٺان ڇانو ۾ ويهي پڙهي به رهيو آهي، ارشاد احمد شيخ هي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ھن ٻار لاءِ مون وٽ لفظ کٽي پيا. جنهن تي اسلم هزار چانڊيو لکيو ته سنڌ جي غريبن ماڻهن ۾ پڙھڻ جو شوق آھي پر سنڌ حڪومت ڪو اھو پيڪج نٿي آڻي جيئن اھي پڙھي سگھن، غريب ئي دلچسپي سان پڙھندو آهي. بجيٽ ۾ حڪومت کي اهڙن ٻارن لاءِ خاص تعليمي پيڪيج ڏيڻ گهرجي.