اشو آف دي ڊي سردار شاهه جو مهاڻن بابت بيان: سوشل ميڊيا جو ردعمل

0
217

صوبائي وزير سردار شاهه پاران مهاڻن بابت بيان ڏيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مٿس تنقيد ڪئي وئي. صوبائي وزير جي بيان تي بحث به جاري رهيو. ان سلسلي ۾ باغي فريد لکيو ته سردار شاهه ڳالهه ٻڌو ملاح ۽ مهاڻا هن ڌرتي جي سڃاڻپ آهن، اسانکي گهٽ ڪري پيش نه ڪريو، هن سنڌ ڌرتي کي اڏڻ ۾ اسان ملاحن مهاڻن جي محنت جو نتيجو آهي،جميل جان ملاح لکيو ته مهاڻا غريب ۽ محنتي آهن انهن جي تذليل برداشت نه ڪنداسين، سردار شاهه معافي وٺي لفظ واپس وٺڻ تائين خاموش نه ويهنداسين، مسڪين ملاح به سردار شاهه کان معافي جو مطالبو ڪيو. مسرور کهڙو لکيو ته سردار شاھه جي بيان کي سمجھڻ جي ضرورت آھي ھن مھاڻن خلاف نه پر سندن حق ۾ اھو چيو ته ايوان کي مڇي مارڪيٽ چوڻ به توھين آھي مھاڻا احتجاج ڪندا چوندا ته اسين وڌيڪ مھذب آھيون، عبدالحليم سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صوبائي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته منھنجي بجيٽ اجلاس کانپوءِ مخالف ڌر جي ميمبرن جي ھنگامي ۽ شور شرابي کانپوءِ صحافي جي پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ميڊيا تي اسيمبلي ۾ ھنگامي کي مڇي مارڪيٽ سڏي سنڌ جي قديم تھذيب جي وارثن ۽ موھن جو دڙو اڏيندڙ مھاڻن، ملاحن، ميربحرن، ميراڻين جي ڪاروباري مرڪز جي توھين ان انداز ۾ نه ڪئي وڃي، ڇو ته مڇي مارڪيٽ پورھتين جي عزت ڀرئي ڪاروبار جو مرڪز آھي.ڇا مڇي مارڪيٽ ۾ ھڪ ٻئي تي ھلان گار گند ۽ غير اخلاقي رويو اپنايو ويندو آهي؟ جو ڪنھن به جاءِ تي چاھي اسيمبلي ۾ ھجي يا ٻيو عوامي فورم اتي ٿيل بد اخلاقي بدتھذيبي ۽ ھنگامي کي مڇي مارڪيٽ چئي ڌرتي جي تھذيب يافته اصلوڪن رھواسين جي توھين نه ڪئي وڃي، اھيو ئي ڪجھه ھيو جيڪو مون نه فقط ان صحافي کي جواب ۾ چيو پر اسيمبلي جي مختلف تقريرن ۾ به چئي چڪو آھيان، منھنجي صحيح ڪيل ڳالهه کي ڪجھه مھربانن منفي رنگ ڏئي غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. آئون سنڌ جي اصلوڪن رهواسين درواڙن مھاڻن ڀيلن ڪولھين ۽ جتن جو سدائين وڪيل ۽ انھن جي ذھن ۽ ضمير سان عزت ڪرڻ جو قائل آھيان. جنهن تي مقيم چانهيو لکيو ته اها هڪ ٽولي جي سازش آهي، اظهار سومرو لکيو ته سنڌ جي تاريخ جو ادراڪ رکندڙ ڪو به ماڻهو ان برادري جي خلاف ڪڏهن به ڳالهائڻ جو تصور نه ڪندو،محمد مٺڻ جوڻيجو لکيو ته سردار شاهه سمجهاڻي لاءِ اهو لفظ استعمال ڪيو، ونيش مکيجا لکيو ته ڌرتي جي تهذيب صرف اتي ڇو ٿي ياد اچي اتي تهذيب ۽ ڌرتي ياد نه ٿي اچي جڏهن سنڌ جي اصلي سالن کان رهائشگاهه کي مسمار ڪيو ويو، بحريا ٽائون جي شڪل ۾، راجا شريف ملاح لکيو ته پوري سنڌ جي ملاح برادري جي دل آزاري ٿي آهي صوبائي وزير معذرت ڪرڻ به مناسب ناهي سمجهي، قادر ڪنڀر لکيو ته صوبائي وزير چيو ته سڀاڻي مهاڻا به چوندا ته اسان اوهان کان وڌيڪ مهذب آهيون هنن لفظن مان ڇا ٿا محسوس ڪريو ڇا مهاڻا اڳ مهذب ڪو نه آهن جو هاڻي اسيمبلي ميمبرن جي هنگامي بعد اها ڪندا. سجاد آگرو لکيو ته مڇي مارڪيٽ هڪ محاوري جي حيثيت ۾ بيان ٿئي ٿو، نعيم ميربحر لکيو ته صبح جو مهاڻا احتجاج ڪندا ته اسان وڌيڪ مهذب آهيون انهن کان، اعتراض ان جملي تي آهي، سرتومل لکيو ته هر هنرمند عزت لائق آهي انهن جي محنت سان سنڌ صدين کان سينگارجي پئي، انهن جي توهين نه ڪئي وڃي، ظهر ميربحر لکيو ته سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو ۾ رستم سنڌ جو لقب به هڪ ملاح مهاڻي کي مليل آهي، سمنڊ جي پيٽ اندر وڃي واڳون جو پيٽ به هڪ ملاح چيري آيو هو، اسد درازي به ساڳئي پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن تي مجتبيٰ جوکيو ته صوبائي وزير پنهنجي بيان م مهاڻن کي مهذب ڪوٺيو آهي، پر ان کي غلط رنگ ڏنو ويو، ريحانه نذير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مھاڻا سنڌ جا اصلوڪا رھواسي آھن جن جو جيئن مرڻ سنڌ سنڌو درياهه سان رھيو آھي اسان سنڌ جي ثقافت واري وزير کي سنڌ جي قديم باشندن جي ذات کي مزاق بنائڻ واري بيان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،