سوال/سروي سنڌ سرڪار سدائين نوڪرين جو اعلان ڪندي پر ملنديون انهن کي جيڪي پئسا ڏيندا آهن: عوام

0
240

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت پاران 30 هزار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي ته ڇا گورنر هائوس جو ڪم زمينن جي ڊيل ڪرڻ آھي؟، بحريا ٽائون کي مليل زمينن تي اڏاوت ڪرائڻ جو حق آهي، ڌرڻو هڻندڙن ٻي بريڪ وڃي ڄامشوري ۾ هنئي، وزير اعليٰ مراد علي شاھ جي ان بيان کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سدائين نوڪرين جو اعلان ڪيو ويندو آهي پر ڏنيون ناهن وينديون، جيڪڏهن نوڪريون ڏنيون به ويون ته پئسن تي ڏنيون وينديون، سنڌ سرڪار پاڻ زمين جي وڪري ۾ ملوث آهي، بحريا ٽائون منصوبي کي رد ڪريون ٿا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته نوڪرين ڏيڻ جا اعلان ٿيندا رهن ٿا نڪريون ملن نه ٿيون بي روزگار نوجوان ڊگريون کڻي هلي رهيا آهن گورنر وفاق جو نمائندو آهي ان کي سنڌ جي زمين جي ڊيلنگ نه ڪرڻ گهرجي، ايم يونس لغاري لکيو ته 30 ھزار نوڪرين جو چئي بيروزگار نوجوانن جو مذاق اڏايو آھي نوڪرين جو آسرو ڏئي ڪروڙين رپيا اوڳاڙيا ويندا، نياز سومرو لکيو ته جيڪڏهن گورنر ھائوس جو ڪم زمينن جي ڊيلنگ ناهي ته توهان جو به ڪم سرڪاري زمينون ڀڳڙن مٺ وڪڻڻ ناھي، قربان عالياڻي لکيو ته اهي ڏينهن ويا! نااهلن کي نوڪريون نه ملنديون، اهل ماڻھو اڳتي وڌندا، نماڻو نوناري لکيو ته سنڌ سرڪار بحريا ٽائون جي سهولتڪار آهي، عبدالهادي لکيو ته سنڌ حڪومت روزگار ڏين ۽ روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي باقي ٻي بريڪ ڄامشوري ۾ لڳڻ جي حوالي سان ته خدانخواسته اتي جيڪڏهن ڪو اڻ وڻندڙ واقعو ٿي پئي ها ته ان جو ذميوار ڪير هجي ها؟ بشير ميراڻي لکيو ته ھر سال بجيٽ ۾ سرڪاري نوڪرين جو اعلان ڪيو وڃي ٿو پر عمل زيرو، چئو ٿا ته قومپرست ڌرين ٻي بريڪ ڄامشورو ۾ ڪئي، پوءِ توهان سنڌ کي پوليس اسٽيٽ ڇو بڻائي ڇڏيو آهي، آفتاب لغاري لکيو ته نوڪرين جا اعلان ڪري رڳو سنڌ جي لکين بيروزگار نوجوانن جي لڱن تي لوڻ ٿو ٻرڪيو وڃي، عابد بليدي لکيو ته 30 هزار نوڪريون سنڌ جي عوام کي نه ملنديون، شبير حسين ڀوت لکيو ته سي ايم هائوس ۽ گورنر هائوس ٻنهي جو ڪم ساڳيو آهي، راول راجستاني لکيو ته نوڪريون پئسن تي ڏيندا، محمد مٺل چانڊيو، عبدالرشيد چانڊيو ۽ دائود لغاري پڻ سروي ۾ حصو ورتو، ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ سرڪار هميشه عوام کي آسرا ڏنا آهن. وحيد ڄامڙو لکيو ته 30ھزار نوڪرين جو جيڪو اعلان ڪيو ويو آھي اھي نوڪريون غريبن کي ڪونه ملنديو پنهنجن ماڻهن کي ڏيندا پئسن تي ڏيندا، شفقت جروار لکيو ته نوڪريون 30 هزار يا ٽي لک هجن پر سنڌ ۾ وري به نه ملنديون، راجا حيدر ٿيٻو لکيو ته بحريا ٽائون کي باهه جيڪڏهن ايم ڪيو ايم لنڊن وارن ڏني ته پوءِ ڪيس حد جي ايس ايس پي تي داخل ڪريو جيڪو انهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ويو، شبير ڪٽوهر لکيو ته وزير اعلي پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ پيو بيان ڏئي، ڪريم بخش لکيو ته غريب کي نوڪريون نه ڏيندا، عبدالستار سهرياڻي لکيو ته سي نو ٽو بحريا ٽائون، راشد لطيف لکيو ته بي روزگار ويٺا آھيون ميرٽ آھي ڪو نه، عبدالڪريم ڀٽي لکيو ته پ پ وڏيرن جي پارٽي آهي عوام کي فائدو نه ڏيندي، بابر علي شر لکيو ته حڪومت جي اڻپورن ۽ اڌورن اعلانن جي پراڻي تاريخ آهي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته سنڌ سرڪار زمين ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪندي آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته سنڌ حڪومت ۾ ويٺل نمائندن جا ايجنٽ مقرر ٿيل آھن جيڪي نوڪريون وڪرو ڪندا آھن هن ڀيري به وڪڻندا، شيراز چانگ لکيو ته مراد علي شاهه ذاتي طور ذميدار شخص آھي، سڪندر بلوچ لکيو ته سنڌ حڪومت جي نوڪرين ھميشه ميرٽ جي لتاڙ ٿيندي آھي حقدارن کي ڪڏھن به نوڪري ناھي ملندي، مير بابر شاهاڻي لکيو ته سي نو ٽو بحريا ٽائون، اسد کوسو لکيو ته انهن نوڪرين جي آسري تي غريب ماڻهو کي لٽيو ويندو، شاهد شر لکيو ته نوڪريون نه ملنديون، عيدل ڪنڀر لکيو ته اهل ماڻهو اڳتي وڌندا، نصير چنا لکيو ته سنڌ حڪومت پاران نوڪرين ڏيڻ وارو عمل بھتر آھي پر نوڪريون ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون وڃن، غلام مرتضيٰ چنا لکيو ته نوڪري صرف اميرن جي ڇوڪرن لاءِ آهن، غلام حسين ڀٽي لکيو ته ھنن جي حڪمراني جي رٽ ڪٿي آھي؟ لاقانونيت چوٽ چڙھيل آھي، نديم بهراڻي لکيو ته بس اھي رڳو انگ اکر رکندا آهن بجيٽ ۾ باقي نوڪريون ڪو نه ملنديون، 37 ھزار ماستري جي جاين جو به رڳو اعلان ٿيو آهي ان اعلان کي به سال ٿيڻ وارو آهي.