سوال/سروي … سنڌ جا حڪمران بک کان هاڻ اثاثا ۽ ماڳ مڪان به نجي شعبي کي ڏئي رهيا آهن، فيصلو سٺو آهي رڳو سياسي مداخلت نه هجي: عوام جي راءِ ورهايل

0
16

 عوام جي اڪثريت سنڌ جي اثاثن ۽ تاريخي ماڳن کي نجي شعبي جي سهڪار سان هلائڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن حمايت به ڪئي آهي. مخالفت ڪندڙن جا رايا آهن ته بس ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو. ٻيو ڇا ٿا ڪري سگهون اسان. آخر ڪار پنھنجون شيون کپائڻ جي ضرورت ئي ڪھڙي آھي؟ ڇا سنڌ صوبي جو ڪو به اھڙو وزير نه آھي جيڪو پنھنجا وسيلا استعمال ڪري ۽ قدرت جي ڏنل پنھنجي تحفن جو تحفظ ڪري سگهي؟ سڄي سنڌ کائي تباهه ڪري پوءِ ئي هي ظالم هٿ ڪڍندا. ته آنڊَن جا واھي گدڙ ٿي ويا آهن ته پوءِ اهڙا فيصلا ته ٿيندا ئي رهندا. هڪ لک ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو هاڻ وري هي نئون ڊرامو ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف اها راءِ به ظاهر ڪئي وئي ته اهي ادارا نجي شعبي جي حوالي ٿيندا ته انھن جو نقصان ڪونه ٿيندو ۽ ويتر اھي ماڳ ترقي ڪندا. خريدار يا هلائڻ وارا اھي نجي ادارا ساک وارا ۽ عوام دوست ھجن ۽ منجهن ڪا به سياسي توڙي سرڪاري مداخلت نه ھجي ته بهتري جي اُميد ڪري سگهجي ٿي! پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا جي صفحي جي سلسلي سوال سروي لاءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ تي سوال ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي سياحتي ماڳن ڪينجھر، هاليجي، گورک هل ۽ سرڪاري زرعي فارم نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. توهان حڪومت جي ان فيصلي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ ان جي جواب ۾ ارشاد علي سومرو شاھ پنجو سلطان تعلقو ميھڙ مان لکيو ته بس ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو. ٻيو ڇا ٿا ڪري سگهون اسان. آخر ڪار پنھنجون شيون کپائڻ جي ضرورت ئي ڪھڙي آھي؟ ڇا سنڌ صوبي جو ڪو به اھڙو وزير نه آھي جيڪو پنھنجا وسيلا استعمال ڪري ۽ قدرت جي ڏنل پنھنجي تحفن جو تحفظ ڪري سگهي؟ منھنجي خيال ۾ باقي پائڻ لاءِ جوتا وڃي بچيا آهن اهي به چورائجي ويندا آهن، سي به ڪاٿي کپائڻا نه پون. باقي ڳالھه سمجھه کان ٻاهر آھي. اڳتي خدا خير ڪري اسان ھاڻي ذھني مريض ٿي ويا آھيون هنن حڪمرانن جي پاليسين جي ڪري. وفا ذاڪر جمالي نوابشاھ مان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ته اسان جي نظر ۾ اھو قدم سٺو آھي ڇو ته سرڪار جو ته بس رڳو نالو ئي وڃي رھيو آھي. اهي ادارا نجي شعبي جي حوالي ٿيندا ته انھن جو نقصان ڪونه ٿيندو ۽ ويتر اھي ماڳ ترقي ڪندا. اشفاق چانڊيو جو چوڻ هو تهسڄي سنڌ کائي تباهه ڪري پوءِ ئي هي ظالم هٿ ڪڍندا. اسين هن فيصلي جي ڀرپور نموني مذمت ڪريون ٿا. گل حسن خاصخيلي بکرجمالي موري کان پنهنجي راءِ جو اظهار هن ريت ڪيو سنڌ پاڪستان پيپلز پارٽي حوالي ٿي چڪي آھي ان ڪري زمينون به انھن جي حوالي ٿي ويون آھن. عام سنڌي ۾ چوڻي آھي ته آنڊَن جا واھي گدڙ. بحريا ٽائون جھڙيون اسڪيمون تيار ڪري سموريون سک واريون زمينون ڳڙڪائيندا ويندا پ پ وارا جيڪي سنڌ حڪو مت ۾ هن وقت موجود آھن. نارائڻ نماڻو اسلام ڪوٽ مان لکي ٿو ته پنهنجا وسيلا خانگائڻ ھڪ وڏي نااهلي آھي، پر جڏھن اھڙا سياحتي ماڳ سرڪار جي ننڌڻڪائي سبب ايئن زوال جو شڪار ٿين ته بهتر آھي خانگائي ڇڏجن پر شرط اھو آھي ته خريدار يا هلائڻ وارا اھي نجي ادارا ساک وارا ۽ عوام دوست ھجن ۽ منجهن ڪا به سياسي توڙي سرڪاري مداخلت نه ھجي ته بهتري جي اُميد ڪري سگهجي ٿي! خميسو آريسر چيو ته هڪ لک ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو هاڻ وري هي نئون ڊرامو ڪيو پيو وڃي جنهن تي اسان کي  افسوس آهي. بيوس اربيلو ڏاهاڻي ڪنڌڪوٽ مان لکيو ته سنڌ حڪومت اصل سنڌ ۽ سنڌين جي دشمن لڳي پئي آهي. تاريخ ۾ توهان کي سنڌ حڪومت جو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪيل ڪو سٺو ڪم ياد آھي ڇا؟ شيم شيم سنڌ حڪومت شيم. شاهد بلوچ لکيو ته سڄي سنڌ کائي تباهه ڪري پوءِ هي ظالم سنڌ مان هٿ ڪڍندا. اسين هن معاملي ۽ فيصلي جي ڀرپور نموني مذمت ڪيون ٿا هاڻي سنڌ ۾ ڪجھه بچيو ئي ناهي. الهداد سرهاري مان لکيو ته اھو فيصلو ٺيڪ آھي ڇو ته ڪيترن ئي سالن کان ٻين۔ ماڳن کي ڇڏي ڪري اوھان رڳو گورک هل اسٽيشن جي روڊن جي حساب سان ڏسندا تـ ڪيترائي ماڻھو ماريا الائجي ڪيتريون گاڏيون ڪريون ھيون پر ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي. احسان علي چانڊيو لکيو ته سنڌ سڄي سون آھي پر اهڙن سياحتي مرڪزن جي سار لهڻ گهرجي جيڪي سنڌ جي سڃاڻپ آھن. محمد حسين لکيو ته واو سائين واو سڄي سنڌ ۾ بچايو ڇا آهي هنن، رڳو سکڻاعلان پيا ٿين هنن اعلانن جي آسري تي ڪهڙا بل ٺهندا اها خبر خدا کي آهي. احسان علي لغاري پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکيو ته اسان جي شھر گلاب لغاري ۾ وڏو تاريخي ماڳ موجود آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت جو ڪو به ڌيان ان طرف نه آھي. اهو ماڳ اگھم ڪوٽ جي نالي سان تمام گھڻو مشھور آھي. علي مراد لاشاري پنهنجي راءِ ۾ لکيو ته ان فيصلي جي ڪري سهولتن ۽ ماڳن جي بهتر ٿيڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. اياز کهاوڙ جو لکڻ هو ته اھڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي پئي ۽ في الفور ٿيل فيصلي کي ڪينسل ڪرڻ جو مطالبو ڪجي ٿو پيو. ڇاڪاڻ ته اھڙيون شيون اسان جي معاشري جي سونهن آهن. اھڙن شين جي وڪري کي ڪڏھن به قبول نه ڪيو ويندو. علي محمد کوسو لکيو ته حڪومت جي اھڙي عمل خلاف اسان سخت احتجاج ڪنداسين. پي پي جي حڪومت ايندي ئي ھر دفعي سنڌ جو سودو ڪندي آ جيڪا ناقابل برداشت ٿي ويو آهي. ابراهيم مخدوم لکيو ته هنن کي گهرجي ته پنهنجي گورنمنٽ به ڪنهن ٺيڪيدار کي ڏئي ڇڏين. آصف علي لکيو ته ھي پنهنجي حڪومت ڀلا نجي شعبي کي ڪڏهن ڏيندا ؟ راهو ڪمار لکيو ته هي ته سنئين سڌي بادشاھت آھي. جمشيد مشوري نوشھري فيروز مان لکيو ته اھڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي پئي پي پي جي حڪومت، سنڌ جي سياحتي ماڳن سان تمام گھڻي دشمني ڪئي آھي. نويد خان لکيو ته هي هاڻ سنڌ جا ماڳ به بک کان وڪرو ڪري رهيا آهن. اويس سولنگي فيصلي جي حمايت ڪئي ۽ لکيو ته هي سٺو قدم آهي. ويلڊن سنڌ حڪومت.