طبي ماھر جسم توڙي دل جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ عام طور روزانو گهٽ ۾ گهٽ 10،000 قدم واڪ ڪرڻ جي صلاح ڏين ٿا پر ڪيترن ئي ماڻھن لاءِ پنھنجن روزمرہ جي ڪمن ڪارين سبب ائين ڪرڻ ڪجهھ مشڪل تھ ڪن لاءِ وري اھو ناممڪن ھوندو آھي.

تنھنڪري ماھرن واڪنگ يا چھل قدمي کان سواءِ ورزش جا ڪجھه اھڙا طريقا بھ ٻڌايا آھن جن جي ذريعي دل ۽ جسم جي صحت کي برقرار رکي سگهجي ٿو.

ھڪ تازي تحقيق مان اھا ڳالھھ معلوم ٿي آھي تھ روزانو جي بنياد تي پنج ڀيرا ڏاڪڻيون چڙھڻ ۽ لھڻ سان دل ۽ دماغ جي فالج کان محفوظ رھي سگهجي ٿو. انھي سلسلي ۾ اھو خيال رکڻ بھ ضروري آھي تھ انھن ڏاڪڻن جا ڏاڪا گهٽ ۾ گهٽ 10 ھجڻ ضروري آھن.

طبي ماھرن ھڪ سروي ڪئي جنھن ۾ 4 لکن برطانوي رضاڪارن شرڪت ڪئي. انھن مان اھڙا رضاڪار جيڪي روزانو ڏھ ڀيرا ڏاڪڻيون لھندا چڙھندا ھئا انھن جي صحت ٻين جي بھ نسبت بھتر رھي.

خيال رھي تھ واڪنگ، جاگنگ يا سائڪلنگ جيان ئي ڏاڪڻيون چڙھڻ بھ ھڪ قسم جي ورزش ئي آھي ۽ اھا انساني صحت لاءِ مفيد آھي.

نيوٽن يونيورسٽيءَ جي محققن برطانيا ۾ چار لک 58 ھزار 860 ماڻھن تي 12 سالن تائين تحقيق ڪئي انھن رضاڪارن کان خاص طور تي اھو اھو پڇيو تھ ھو روزانو جي بنياد تي گهٽ ۾ گهٽ گهڻيون ڏاڪڻيون چڙھن ٿا؟

رضاڪارن کان ريسرچ جي دوران معلوم ٿيو تھ 39 ھزار 43 ماڻھو رت جي شريانين ۾ تنگي جي مرض (ايٿروسڪلروسيس) مبتلا ھيا. ھن مرض ۾ رت جو وھڪرو مشڪل ٿي پوندو آھي.

ايٿروسڪلروسيس ميگزين ۾ شائع ٿيل نتيجن مان معلوم ٿيو آھي تھ جيڪي رضاڪار روزانو پنج ڏاڪڻيون چڙھندا ھئا انھن ۾ ڏاڪڻيون نھ چڙھڻ وارن جي ڀيٽ ۾ ايتروسڪلروسيس (شريانين جي تنگي) جو امڪان 3 سيڪڙو گهٽ ھو جڏھن تھ روزانون گهٽ ۾ گهٽ 6 ڏاڪڻيون چڙھڻ وارن ۾ اھو خطرو 16 سيڪڙو گهٽ رھيو.

ان حوالي سان محققن اھو نتيجو ڪڍيو آھي تھ اھي گروپ جيڪي روزانو پنجاھ ڏاڪا چڙھندا رھيا آھن انھن ۾ دل جي دوري يا فالج جو خطرو تمام گهٽ رھيو.

ماھرن جو چوڻ آھي تھ واڪ جي مقابلي ۾ ڏاڪڻيون چڙھڻ سان ڪيلوريز زيادھ سڙن ٿيون ۽ ڦڦڙن کان سواءِ مسلز بھ مضبوط ٿين ٿا.

ريسرچ ۾ شامل ڊاڪٽر لوڪيوئي جو چوڻ ھو تھ ڏاڪڻين چڙھڻ وارن جي دل جي صحت ۽ ساھ کڻڻ وارو نظام بھ ڪافي بھتر ھيو.  انھن ۾ اھي ماڻھو خاص طور تي شاملآھن جيڪي ڪنھن بھ قسم جي جسماني ورزش نھ ٿا ڪن ۽ انھي حوالي سان ھن اھو نتيجو ڪڍيو تھ روزانو جي بنياد تي ڏاڪڻيون چڙھڻ دل جي مرض کان بچڻ ۽ صحت لاءِ بھترين عمل يا ورزش آھي.

ڏاڪڻين جي ٻين فائدن ۾ وزن جي گهٽجڻ، جسم ۾ لچڪ جو پيدا ٿيڻ، دٻاءُ کان ڇوٽڪارو، ھڏين جي مضبوطي جھڙا فائد بھ شامل آھن.

انھي ريسرچ جي باوجود ڊاڪٽرن صلاح ڏني آھي تھ ڏاڪڻين چڙھڻ بھرحال سو سيڪڙو ورزش جو متبادل نھ آھي.

انھي کان سوا ءِ ماھرن اھا بھ صلاح ڏني آھي تھ ڏاڪڻيون چڙھڻ واري ورزش ڪرڻ کان اڳ پنھنجي ڊاڪٽر کان صلاح وٺڻ بھ ضروري آھي، ڇاڪاڻ تھ ڪن صورتن ۾ ڪن ماڻھن لاءِ ان قسم جو عمل فائدي جي بجائي نقصان بھ ڏئي سگهي ٿو…. (واٽس ايپ تي اماڻيل)