سوال/سروي … سنڌ ۾ 100 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪرڻ واري اعلان تي عوام کي بي اعتمادي، هي رڳو پوري بجلي ڏين ته اهو ئي ڪافي آهي: ماڻهن جي راءِ

0
24

سنڌ جي عوام صوبائي اسيمبلي ۾ سنڌ حڪومت جي بجلي مفت فراهم ڪرڻ واري اعلان تي اعتبار نه ڪندي ان کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو آهي ته سؤ يونٽ ته پري پر ڏھ يونٽ بجلي به فري ڪونه ڪندا. ھي بيان سنڌي قوم سان مذاق کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي. خيبرپختونخواهه وارا گھڻي ڀاڱي پٺاڻ آھن متان اھا تڪليف برداشت ڪري وڃن پر لڳي مشڪل ٿو. ھي عوام جو ڌيان ھٽرائڻ خاطر اھي خواب ڏيکاريندا رهندا آھن. باقي عمل ٻنھي صوبن ۾ ڪونه ٿيندو. ھي بيان سنڌ جي ماڻھن سان مذاق آھي. ٻيا صوبا پنهنجي حڪومت جي ان اعلان تي عمل ڪرائي ويندا. ان اعلان کي ڪوڙو سمجھون ٿا. واپڊا ھڪ ڪرپٽ ترين ادارو آهي جيترو ٿي سگهي ھن اداري کي ختم ڪري بجلي ڪنهن پرائيويٽ اداري جي حوالي ڪئي وڃي جيئن نظام بھتر ٿي سگھي. پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا پيج جي سلسلي سوال سروي ۾ عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ هڪ سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراھم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته خيبر پختونخوا حڪومت ٽي سئو يونٽ بجلي مفت ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. سنڌ حڪومت جي ان اعلان کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا توهان کي لڳي ٿو تہ سنڌ ۾ ان اعلان تي عمل ٿي سگھندو؟ ان سوال جي جواب ۾ ارشاد علي سومرو شاھ پنجو سلطان تعلقو ميھڙ مان لکيو ته سؤ يونٽ ته پري پر ڏھ يونٽ بجلي به فري ڪونه ڪندا. ھي بيان سنڌي قوم سان مذاق کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي. اھڙا ھزارين اعلان سنڌ جا حڪمران ڪندا رھندا آھن پر عمل ھڪ به بيان تي نه ٿيو آھي. ھا باقي اھو عمل ٿي سگھي ٿو ته ڀوتارن جي بجلي ڪنھن به طرح مفت ڪري سگھن ٿا سو ته هن وقت به تقريبن ائين ئي ٿئي ٿو پيو. منھنجي خيال ۾ واپڊا وارن جا ڀاڳ کلي پوندا. جيڪڏھن ائين ٿيو ته آساني سان وڌيڪ ڪرپشن ڪندا. جيڪو ھنن کي پئسا ڏيندو ان جي ميٽر ۾ اندر چيونگم وجھي ڇڏيندا جنھن کي ميٽر چڪ ھڻي بيھي رھندو، پوءِ ڀلي اھو اي سي پيو ھلائي. باقي غريب شريف اھو ئي سورن ۾ ھوندو. سڀ يونٽ ملائڪ انھن جي ميٽر جي سڪون سان چاڙھي ڇڏيندا. باقي خيبرپختونخواهه وارا گھڻي ڀاڱي پٺاڻ آھن متان اھا تڪليف برداشت ڪري وڃن پر لڳي مشڪل ٿو. ھي عوام جو ڌيان ھٽرائڻ خاطر اھي خواب ڏيکاريندا رهندا آھن. باقي عمل ٻنھي صوبن ۾ ڪونه ٿيندو. شاهد بلوچ پنهنجي راءِ جو اظهار هن ريت ڪيو ته سنڌ اندر ته بجلي سخت بحران لڳو پيو آهي حڪومت لوڊشيڊنگ ڪرڻ گهٽ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. اسد زرداري سرهاري کان لکيو ته سنڌ حڪومت سدائين اعلان ڪندي آھي پر عمل ڪڏھن ڪو نه ٿيو آھي. ھي بيان سنڌ جي ماڻھن سان مذاق آھي. سڀ پھريان سـنڌ ۾ بجلي جو نظام ته ٺيڪ ڪن واپڊا ملازمن سنڌ ۾ بجلي کي زورگار بڻائي ڇڏيو آھي. باقي ٻين صوبن ۾ بجلي جو نظام سنڌ صوبي کان بھتر آھي ۽ ٻيا صوبا پنهنجي حڪومت جي ان اعلان تي عمل ڪرائي ويندا. سنڌ ۾ لوڊشينڊگ جو آزار وڌيڪ آھي عوام کي فري يونٽ ڪو نه ٿا کپن صرف لوڊشيڊنگ گھٽ ڪئي وڃي ۽ بجلي جي في يونٽ جي قيمت ۾ ڪجھه گھٽتائي ڪئي وڃي. گل حسن خاصخيلي بکرجمالي مان سروي ۾ حصو وٺندي لکيو ته سنڌ اندر بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آھي. اسان جي شھر ۾ گرڊ اسٽيشن ھجڻ جي باوجود به بجلي مھمان وانگر ايندي آھي. واپڊا وارا ملازم جيڪي پهري ڪک پتي هئا اهي هاڻ لک ڪيئن بنجي ويا آهن. ھڪ ھڪ واپڊا وارو ٽيھه ٽيهه ڪنيڪش پنھنجي انڊر ۾ ھلائي منٿلي وٺندو آھي. سموري بجلي ڪچي واري علائقي ۾ کپائي فرضي نالن سان ڳوٺ جي جاءِ تي زمينون آباد ڪرايون پيون ۽ ڊڊيڪشن بل وري عوام کي ڏيڻو ٿو پوي. مختيار مولائي چيو ته سنڌ اندر ڪھڙو روز بجلي پئي ھلي رڳو لوڊشيلڊنگ آهي جيڪا ڪڏهن ڪڏهن  24-24ڪلاڪ به هلندي آهي. پنجاب ھجي يا خيبرپختونخواهه حڪومت مفت بجلي في يونٽ تي گھٽتائي ڪن سنڌ حڪومت اگر اھڙو ڪردار ادا ڪري ته بھتر ٿيندو پر سنڌ اندر واپڊا وارا ڪرپشن ڪرڻ تي مجبور آھن. نثار حمد لنڊ لکيو ته سنڌ حڪومت ھميشه سنڌي عوام کي بيوقوف سمجھيو آھي. ان اعلان کي ڪوڙو سمجھون ٿا. ھن تتل گرمي ۾ سڄو ڏينهن بجلي جي لوڊشيڊنگ ھوندي آھي. سنڌ حڪومت ۾ اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آ ھي. راجا مھر ڳوٺ عالم خان مھر کان لکيو ته اسان وٽ ته گذريل 15سالن کان بجلي گم آهي جڏهن ته ٿنڀن جون تارون به چور پٽي کڻي ويا آهن. واپڊا ھڪ ڪرپٽ ترين ادارو آهي جيترو ٿي سگهي ھن اداري کي ختم ڪري بجلي ڪنهن پرائيويٽ اداري جي حوالي ڪئي وڃي جيئن نظام بھتر ٿي سگھي. هادي بخش مهر لکيو ته سو يونٽ جي رعايت ملي ته سٺي ڳالهه آھي. فائدو ملندو ڪنهن کي؟ اڳ ۾ ڪنڊا مافيا ۽ ڀوتارن جي بنگلن جو ايسيون فارم هائوس فيڪٽرين کي سبسڊي ملي ٿي هاڻ ڏسون غريبن تائين حڪومتي رليف پهچي ٿو يا نه. بيوس اربيلو ڏاهاڻي ڪنڌڪوٽ مان سروي ۾ حصو ورتو ۽ لکيو ته مشڪل آهي هي هر روز اهڙيون ڳالهيون ڪندا رهندا آھن. اهو به چيو ويندو آهي ته سنڌ ۾ امن امان بهتر آپريشن هلي ٿو ۽ اسان کي ماڻهو ڪم ڪرڻ تي ووٽ ڏين ٿا ٻين صوبن کان اسان جي ڪم بردشت نه ٿو. بجلي 100 يونٽ ته ڇا 100 سيڪنڊ به نه ڏيندا. سنڌ ۾ ڪرپشن ۾ زرداري ليگ پهريون نمبر آھي. سنڌ حڪومت مان ڀلائي جي اميد ڪرڻ پنهجو وقت زيان ڪرڻ برابر آھي. سنڌ ۾ جيستائين هي حڪمران ٽولو ۽ سرداري نظام آھي عوام کي هڪ روپيي جو به رليف نه ملندو. جنيد علي جمالي ڄامشورو مان لکيو ته اسان کي نٿو لڳي ته سنڌ حڪومت ان اعلان تي عمل ڪندي. ھا البته ڪجھه مخصوص علائقن کي يا ڪنھن مخصوص ماڻھن کي اھو فائدو ڏين ته ٻي ڳالهه آهي. خميسو آريسر لکيو ته اسان کي پڪ آهي ته ائين نه ٿي سگهندو. سنڌ گورنمينٽ پهرين پڪا گهر فراهم ڪرڻ واري اسڪيمن کي پورو ڪري ان کان پوءِ ٻيو ڪجهه ڪري هي سڀ بڪواس آهي. محمد حسين لکيو ته لڳي ٿو ته خواب پيا ڏسون. اسان کي 100يونٽ نه کپن رڳو جيڪا لائيٽ آهي رڳو روز روز جيڪا لائيٽ مهانگي پئي ٿئي ان کي روڪين ۽ لوڊشيڊنگ ختم ڪن، جيڪي ٽيڪس آهن اهي ختم ڪيا وڃن جيڪا بجلي جي لائين ٿر مان لائيٽ ٺاھي کڻي اچي ٿي اها لائيٽ سنڌ کي ڏني وڃي. شاهه جي لکيو ته سنڌ ۾ هن وقت 24  مان 16 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊ شيڊنگ آھي ھھڙي قھر ۽ قيامت جي گرمي ۾ رڳو لائيٽ سولي ڏين ته به وڏي ڳالھه آھي. شاهين سومر لکيو ته سئو يونٽ ٺهيو پر جيڪڏهن بجلي هلي پوءِ بل ڀلي فل وٺن رڳو بجلي ڏين. اطهر علي اعلان تي اعتبار نه ڪندي لکيو ته سڀ ڪوڙ آهي. عرفان ڪي ابڙو لکيو ته بڪواس آهي اهو سڀ ڪجهه.