ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع لاءِ پنهنجي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، امريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ پهرين جون کان 29 جون تائين ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بابر اعظم پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪندو، 15رڪني اسڪواڊ ۾ ابرار احمد، اعظم خان، فخر زمان، حارث رئوف، افتخار احمد، عماد وسيم، عباس آفريدي، محمد عامر، محمد رضوان، نسيم شاهه، صائم ايوب، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي ۽ عثمان خان شامل آهن، ابرار احمد، اعظم خان، عباس آفريدي، صائم ايوب ۽ عثمان خان پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ کيڏندا، عامر آخري ڀيرو 2016 ۽ عماد وسيم 2021 ۾ ورلڊ ڪپ کيڏيو هو، سليڪشن ڪميٽي جو چون آهي ته هڪ انتهائي باصلاحيت ٽيم آهي جنهن ۾ نوجوان ۽ تجربيڪار رانديگر موجود آهن، اهي رانديگر گهڻي عرصي کان گڏ کيڏي رهيا آهن، سليڪشن ڪميٽي موجب حارث رئوف مڪمل طور فٽ آهي ۽ نيٽ تي سٺي بالنگ ڪري رهيو آهي، يقين آهي ته هو ايندڙ ميچز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندو.