ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي طرفان ٽيم جي ڪوچنگ جي لاءِ آسٽريلوي ڪرڪيٽرز سان رابطن جي خبرن تي بورڊ جي سيڪريٽري جئي شاهه جو رد عمل سامهون اچي ويو، سندس چوڻ آهي ته ڪوچنگ جي لاءِ آسٽريلوي رانديگرن سان رابطا ناهن ڪيا ويا، بي سي سي آءِ ۽ نه ئي مان آسٽريلوي رانديگرن سان ڪوچنگ جي لاءِ رابطو ڪيو هو، ڀارتي ٽيم جي لاءِ بهترين ڪوچ جي ڳولا ۽ هڪ محتاط ۽ ڊگهي مشق آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان انهن ماڻهن تي فوڪس ڪري رهيا آهن جيڪي ڀارتي ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي سمجهندا آهن، اهو وڏو اهم آهي ته ٽيم جي ڪوچ کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ فريم ورڪ جي ڄاڻ هجي، ڀارتي ٽيم جو نئون ڪوچ ڀارتي ئي ٿي سگهي ٿو، واضح رهي ته ان کان اڳ اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ ڀارتي ٽيم جي ڪوچ جي آڇ ملڻ جو انڪشاف ڪيو هو،

رڪي پونٽنگ ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر جسٽس لينگر به ڀارتي ٽيم جي ڪوچ ۾ دلچسپي نه ورتي.