ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان هاردڪ پانڊيا ۽ سندس گهرواري بالي ووڊ اداڪارا نتاشا وچ ۾ ڌار ٿيڻ جون خبرون سامهون اچي ويون، هاردڪ پانڊيا 31 مئي 2020ع تي بالي ووڊ اداڪارا نتاشا سان ممبئي جي هڪ عدالت ۾ شادي ڪئي هئي ۽ جوڙي کي هڪ پٽ جو اولاد آهي، گذريل سال فيبروري ۾ هاردڪ نتاشا سان ئي ٻيهر شادي ڪئي هئي ۽ هاڻي ٻيهر ميڊيا تي ڌار ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون آهن، جوڙي پاران ترديد ۽ تصديق نه ڪئي وئي آهي، مارچ 2024 ۾ آءِ پي ايل جي دوران هاردڪ پانڊيا جي خراب ڪارڪردگي سبب سندس گهرواري کي آن لائن تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ريڊٽ جي هڪ صارف پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيل هو ته نتاشا جي پروفائل تان هاردڪ جو نالو هٽايو ويو آهي، نتاشا جي سالگرهه 4مارچ تي هئي پر هاردڪ جي طرفان گهرواري جي سالگرهه جي پوسٽ شيئر نه ڪئي وئي