ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل جو سفير مقرر هوندو، آءِ سي سي شاهد آفريدي کي ٽورنامينٽ ايمبيسيڊرز جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، شاهد آفريدي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي فاتح ٽيم جو ميمبر ۽ پليئر آف دي ٽورنامينٽ هو، شاهد آفريدي کانسواءِ ڀارتي رانديگر يوراج سنگهه، ويسٽ انڊيز جو ڪرس گيل، يوسين بولٽ کي به سفير مقرر ڪيو ويو، شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ منهنجي دل جي ويجهو آهي، پهرين ورلڊ ڪپ ۾ پليئر آف دي ٽورنامينٽ رهئس، 2009ع ٽرافي کٽي ۽ اهو لمحو منهنجي ڪيريئر لاءِ نه وسرڻ جوڳو آهي، هن چيو ته 9 جون تي پاڪ ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ پرجوش آهيان، ٻن وڏن حريفن جو مقابلو آهي ۽ نيويارڪ ۾ ان کي ڪو به مس نه ڪندو.