ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪمينٽري پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪمينٽري پينل ۾ پاڪستان جا 3 اڳوڻو ڪرڪيٽرز وسيم اڪرم، رميز راجا ۽ وقار يونس شامل آهن، ان کانسواءِ روي شاستري، ناصر حسين، ميل جونز، ائين اسمٿ، هرشا ڀوگلي، ائين بيشپ، دنيش ڪارتڪ، ايبوني رينفورڊ، سميول بدري، ڪارلوس براٿ ويٽ، اسٽيو اسمٿ، ، ايرون فنچ ۽ ليزا اسٽاليڪر به پينل ۾ شامل آهن، رڪي پونٽنگ، سنيل گواسڪر، ميٿيو هيڊن، اوئن مورگن ۽ ٽام موڊي به ورلڊڪپ تي تبصرو ڪندا، امريڪي ڪمنٽيٽر جيمز اوبرائن پهريون ڀيرو آءِ سي سي ايونيٽ ۾ ڪمنٽري ڪندو، ڊيل اسٽين، گريم اسمٿ، مائيڪل ايٿرن، سائن ڊول ۽ شان پولڪ به ڪمنيٽري پول ۾ شامل آهن.