ڪراچي (شوبزنيوز) پاڪستان جي سينيئر اداڪار جاويد شيخ چيو آهي ته سلميٰ آغا جي ڪري شوبز ڪيريئر ۾ گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، جاويد شيخ تازو هڪ يوٽيوب چئنل جو مهمان بڻيو جتي هن پننجي ڪيريئر سميت پنهنجي ناڪام شادين تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، جاويد شيخ چيو ته سلميٰ آغا سان شادي ٽي سال هلي سگهي، انهن ٽن سالن جا ڪيترائي واقعا آهن جنهن کي ٻڌائڻ لاءِ وڏو وقت گهربل آهي، هن چيو ته سلميٰ آغا جي ڪري شوبز ۾ نقصان ٿيو، شادي بعد سلميٰ آغا سان گڏ ڀارت وڃي رهيو هئس، ان دوران مونکي جيڪا به فلم آفر ٿي مان سلميٰ آغا کي ٻڌايو، فلم بنڪاڪ کي چور جي لاءِ مون کي چونڊيو ويو هو ان وقت فلم جي ٽيم بنڪاڪ پهچي وئي هئي پر سلميٰ آغا فلم جون برايون ٻڌائيندي منع ڪيو، منهنجي انڪار بعد مجبورن اظهار قاضي کي ڪاسٽ ڪيو ويو، جاويد شيخ چيو ته ڀارت ۾ فلم خون ڀري مانگ ڪري رهيو هئس، مونکي هيرو ۽ ريکا کي هيروئن چونڊيو ويو هو، سلميٰ آغا مون کي اتي به زبردستي روڪي فلم مان ڪڍرايو ۽ ان بعد منهنجي جاءِ تي ڪبير بيدي کي ڪاسٽ ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته مان ڪڏهن به لالچ نه ڪئي ڇو ته جيڪڏهن لالچي هجا ها ته فلم ڪري سلميٰ آغا کي طلاق ڏيان ها.