ڪراچي (شوبزنيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا جويريه عباسي جي ڌيءُ وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ چونڊجي وئي، آگسٽ 2024ع ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجندڙ عنزيله عباسي جو نالو ٽاپ 21 مس يونيورس پاڪستان لاءِ شارٽ لسٽ ٿيو آهي جنهن تي سندس والده جويريه عباسي خوش آهي، جويريه عباسي فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن انسٽاگرام تي مس يونيورس پاڪستان جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي پنهنجي ڌيءُ لاءِ لکيو ته مان تنهنجي لاءِ تمام گهڻي خوش آهيان، مون کي تنهنجي مٿان فخر آهي، واضح رهي ته اداڪار شمعون عباسي جي ڌيءُ عنزيله عباسي تازو پنهنجي مڙس تشفين انصاري سان گڏ هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن ۾ هنن انڪشاف ڪيو ته سندن پسند جي شادي ٿي آهي ۽ ٻنهي جي ملاقات 2021ع ۾ هنزه ۾ ٿي هئي.