ڪراچي (شوبزنيوز) آمريڪا جي ٽاپ ماڊل بيلا حديد مظلوم فلسطينين سان اظهار يڪجهتي لاءِ منفرند انداز اختيار ڪري ورتو، سوشل ميڊيا تي ماڊل جون مختلف وڊيوز وائرل آهن جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيفيه ڊيزائن وارو لباس پهريل آهي،بيلا حديد ڪجهه ڏينهن اڳ ڪانز ميلي ۾ بولڊ لباس پائڻ تي تنقيد جو نشانو بڻائي وئي هئي پر هاڻي هن نئين لباس سان سڀني کي خاموش ڪرائي ڇڏيو، واضح رهي ته آسڪر ايوارڊ يافته ڪيٽ بلانچٽ به فلسطيني جهنڊي جهڙو لباس پهري فلسطيني معاملو اجاڳر ڪيو هو.