ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) امريڪا ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت ۾ سوئر جو گردو ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽرز موجب شروعاتي ڏينهن ۾ ئي عورتن جي صحت تيزي سان بهتري طرف وڃي رهي آهي، پرڏيهي خابرو اداري ايسوسيئيشن اينڊ پريس (اي پي) موجب نيوجرسي رياست ۾ 54 ورهين جي ليزا پسانو ۾ سوئر جو گردو ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو، نيويارڪ يونيورسٽي اسپتال جي ماهرن عورت جي گردي جو ٽرانسپلانٽ ان وقت ڪيو جڏهن سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي هئي ۽ ڊائلاسز سان ڪو فائدو نه ٿي رهيو هو، رپورٽ موجب ڄاڻايل عورت هڪ ئي وقت گردي ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا هئي ۽ ٻنهي عضون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، ماهرن عورت جي گردي کي ٽرانسپلانٽ جي وقت مصنوي دل تي رکيو هو ته جيئن جسم ۾ گهربل رت جي مقدار ٺهندي رهي، واضح رهي ته سوئر جو گردو ٽرانسپلانٽ ڪرائيندڙ هڪ شخص ٻن مهينن بعد فوت ٿي ويو هو، گذريل هفتي خبر سامهون آئي ته 62 ورهين جي مريض رچرڊ رڪ سلمين سوئر جي گردي جو ٽرانسپلانٽ ٿيڻ جي ٻن مهينن بعد دم ڏنو هو، هو ٻيو شخص هو جنهن ۾ گردي جو ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو هو، ڄاڻايل شخص کانپوءِ هاڻي پهريون ڀيرو هڪ عورت ۾ به سوئر جو گردي جي مدد سان ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو، ان کان اڳ امريڪا ۾ سوئر جي دل به مريضن ۾ ٽرانسپلانٽ ڪئي وئي ۽ ان ۾ به فوتگيون ٿيون هيون، امريڪا ۾ تقريبن هڪ لک اهڙا مريض آهن جن کي ٽرانسپلانٽ جي لاءِ گردن  جي ڊونر جي ضرورت آهي، اهڙي طرح دل سميت ٻين عضون جي ٽرانسپلانٽ جي منتظر مريضن جو به وڏو انگ موجود آهي.