ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) امريڪا جي هڪ پاپ ميوزڪ جي مداح پنهنجي پسنديده ڳائڻي ميڊونا کي خراج تحسين پيش ڪندي پنهنجي جسم تي 18 ٽيٽو ٺاهي گينيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، امريڪي رياس ڪينزس جي شهر ٽپيڪا  سان تعلق رکندڙ ٽيرا بيري عورتن جي ڪيٽيگري ۾ جسم تي ڪنهن موسيقار جا سڀ کان وڌيڪ ٽيٽو ٺهرائن جو گينيز ورلڊ رڪارڊ برطانوي عورت نڪي پيٽرسن کان حاصل ڪيو، نڪي پنهنجي جسم تي مشهور ريپر امينيم جا 15 ٽيٽو ٺهرائي رڪارڊ ٺاهيو هو، ٽيرا بيري جو چوڻ هو ته هن ميڊونا جو پهريون ٽيٽو 2016ع ۾ تڏهن ٺهرايو هو جڏهن ڄاڻ ۾ اها ڳالهه آئي ته ميڊونا ٽيٽو رکندڙ مداح کي ميوزڪ وڊيو جي لاءِ ڳولي رهي آهي، ٽيرا گينيز ورلڊ رڪارڊز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گهڻا ٽيٽو ڇهن مهينن اندر ٺهرايا آهن، جنهن وقت ايمينيم جي 15 ٽيٽو ٺهرائڻ جو علم ٿيو ته ان وقت جسم تي ميڊونا جون ٻه تصويرون موجود هيون، ان وقت ئي فيصلو ڪيو هو ته اهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪندس.