ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) چوندا آهن ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ عمر جي ڪا به حد نه هوندي آهي، سعودي عرب جي هدي العبيده ان چوڻي کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريندي 63 ورهين جي عمر ۾ گريجوئيشن ڪري مثال قائم ڪري ڇڏيو، مطالعاتي سفر جي تفصيلن بابت العبيده ٻڌايو ته يونيورسٽي مان گريجوئيشن 40سالن جي وقفي بعد هڪ ڏکيو سفر هو، خاص طور تي تياري جي سال ۾ گهڻي تڪليف پيش آئي ڇو ته انگريزي مضبون جي تياري گهڻي مشڪل هئي پر مان محنت ۽ ڪوشش جاري رکي، آخر ۾ پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ سٺن نمبرز سان گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو، هدي العبيده امتحان پاس ڪرڻ دوران راهن ۾ رڪاوٽن جو ذڪر ڪندي  چيو ته مان هڪ ماءُ هئڻ ناطي يونيورسٽي ۾ ٻارڙن جي هجڻ ۽ گهڻيون گهريلو ذميواريون، خانداني ۽ سماجي تقريبن کانسواءِ ٻيون کوڙ ساريون رڪاوٽون آيون، هن چيو ته علم نفسيات جي چونڊ ڪئي، مون کي نفسياتي لچڪ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي خاندان ۽ معاشري جي خدمت ڪرڻ جي خواهش ڪئي هئي، گهڻيون نفسياتي ڪمزوريون هيون جيڪي مون ماڻهن ۾ ڏٺيون هيون، مان هڪ نفسياتي تفريحي مرڪز کولڻ جو خواب ڏٺو هو پر مون وٽ ڊگري نه هئي، هدي العبيده پنهنجي تعليمي ڪيئر مڪمل ڪرڻ ۾ مڙس جي سهڪار تي ٿورتا مڃيندي چيو ته منهنجي ڪاميابي ۾ مڙس، ٻار، ڀائر ۽ سهيلين جو ڪردار آهي.