جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
اڄ رجو ڀائيءَ جي گھران آيل ماني مون نه کاڌي، جنهن جو سبب سڀني پڇيو پر مون ڪنهن کي ڪجھه به نه ٻڌايو، شايد ان ڪري جو آئون ٿورو پريشان هئس. ننڍي اسد جي به ڏاڍي ياد اچي رهي هئي، پريشانيءَ کي دور ڪرڻ جي لاءِ آئون شبير کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ڦاهي گھاٽ جي قيدين ۾ ڪتاب ورهائڻ لاءِ هليو ويس، جتي هر کوليءَ جي در تي موت جي ملائڪ جو پهرو آهي. اتان جي هر قيدي جو چهرو عام قيدين کان الڳ هو. موت انهن جي اکين مان صاف نظر ٿي آيو. انهن سان ڪجھه وقت گذاريو ته منهنجي پريشاني مون کان وسري وئي. محبت مغيري، علي حيدر خاصخيلي، ذوالفقار ڀنگور، رستم خاصخيلي ۽ 22 ورهين کان قيد جلال شاهه سان ڪچهري ڪري آئون پنهنجا غم وساري ويٺس. شام جو رشيد پنهنجي ڀاءُ عمر کي ياد ڪري ڏاڍو رنو. هن چيو ته عمر ذهني بيمار آهي مٿان وري وڏو ڀاءُ علي رضا هُن تي روز تشدد ٿو ڪري، جنهن ڪري هو ٺيڪ ٿيڻ بدران وڌيڪ بيمار ٿيندو پيو وڃي. مون رشيد کان تشدد جو سبب پڇيو، چيائين ته عمر خراب ماڻهن سان ٿو اٿي ويهي، مون پڇومانس ته عمر ڪو نشو پَتو وغيره ڪندو آهي ڇا؟ رشيد اکيون صاف ڪندي چيو ته ڪنو هو، هيئرون جو جيڪو ڇڏڻ کان پوءِ هو ذهني مريض ٿي ويو آهي، آئون سوچيان پيو ته هڪ نشئي انسان پوري خاندان لاءِ ڪيڏو نه مونجھارن ۽ پريشانين جو سبب ٿو بڻجي. هن جي علاج لاءِ رشيد ڪو غلط ڪم ڪندي اچي جيل ڀيڙو ٿيو آهي يا ڪيترائي علي رضا هر رشتي کان باغي ٿي پوندا آهن. هن وقت رشيد ۽ طالب فلم پيا ڏسن ۽ مزمل سومهڻيءَ جي نماز پيو پڙهي. کوليءَ جي ٻاهران بيٺل موتئي جي خوشهو هوا جي جھوٽن سان کوليءَ ۾ هڳاءُ ڪري رهي آهي، جنهن جي خوشبو هن دوزخ کي به جنت بڻائي رهي آهي.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (02 جون، 2021، رات جا 09:55 وڳا)
سنڌ جي شهيد راڻي جي شھر جي لائبريري!
ٽنڊوباگو لاڙ جو پراڻو ۽ علمي ادبي شھر رھيو آهي، ھن شهر ۾ محمد صديق مسافر، مير غلام محمد خان ٽالپر، قاضي  قمرالدين مرحوم، آدم کتري، محمد طالب لوھار ۽ ٻيا قابل ذڪر قلمڪار، اديب ۽ دانشور پيدا ٿيا آهن. ھڪ  عام سروي جي اندازي مطابق شھر جي ٩٠ سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته مير غلام محمد ٽالپر لائبريري کي اوقاف کاتو سنڌ سنڀالي ته بھتر عمل ليکيو ويندو، ڇو جو ھيءَ عمارت پنهنجي ھڪ الگ سڃاڻپ رکي ٿي، اھڙي عمارت پوري سنڌ ۾ ڪٿي به موجود ناهي. نقشي جي اعتبار کان ۽ ڊيزائين ۽ لوڪيشن تمام عمده اٿس، ان ڪري جي ھن کي سٺي نموني سنڀاليو وڃي ۽ سٺا ڪتاب رکيا وڃن ته عام پڙهڻ وارو ۽ شاگرد طبقو غلط جاين ۽ ھوٽلن تي ويھڻ بجاءِ لائبريري کي وقت ڏيندو، پنهنجو ۽ معاشري جو مان مٿانهون  ڪندو، سٺو شھري ثابت ٿيندو.
امر کتري/ ٽنڊوباگو
اٿو هڪ طاقت بڻجي وڃون!
سنڌ جي هر مسئلي تي لکڻ، ڳالهائڻ ۽ عملي ڪم وقت ميدان ۾ اچڻ کي مان اوليت ڏيڻ پسند ڪريان ٿو، هونئن به ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌ ظلم ستم جو شڪار ٿي وئي آهي، هتي ظالم ۽ جابر ماڻهو مظلومن تي ظلم جو رڻ ٻاري ڏنو آهي. سنڌين کان پنهنجا حق کسيا پيا وڃن، امن و امان کي تباھ ڪيو ويو آهي، هتي ڪو به محفوظ ناهي رهيو. نياڻين تي تشدد ڪيو ٿو وڃي، معصوم ٻارڙن سان زيادتيون ۽ معصوم نوجوانن کي بي سبب قتل ڪيو ٿو وڃي، اسين سنڌي هن وقت ابتر زندگي گذاري رهيا آهيون. هتي پنهنجا حق گهرڻ ڄڻ بغاوت يا ڏوهه ڪرڻ جي برابر آهي. جتي به ظالم جابر ۽ ڄٽ حڪمران حڪومت ڪندا آهن ته اتان جي سياسي توڙي سماجي زندگي تي خراب ۽ ناڪاري اثر  ٿيندو آهي. هتي چورن، لوفرن، ڌاڙيلن، رشوتخورن، غدارن ۽ پراون حقن تي ڌاڙا هڻندڙ کي مهان ۽ عزتدار سمجهيو وڃي ٿو ۽ شريف پڙهيل لکيل ماڻهو کي ڏاڍيون اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون. هتي زندگي آزاد گذرڻ تي پابندي ايتري ته لڳيل آهي جو اسان کلي عام پنهنجي خيالن جو اظهار به نٿا ڪري سگهون. اسان کي هن وقت هڪ وڏي جاکوڙ ۽ محنت جي تمام گھڻي ضرورت آهي، جنهن ۾ سڀئي منظم ٿي هڪ اهڙي طاقت بڻجئون جو ڪير به ان طاقت کي ٽوڙي نه سگهي. هنن سڀني مسئلن تي لکڻ مان پنهنجو فرض سمجهان ٿو.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
اهڙا هاڃا ٿين، منهنجي شهر مٺي ۾!
سول اسپتال مٺي ۾ 3 ڏينهن اڳ اتي جي ايم ايس ڊاڪٽر گل منير وسطڙو جي پروموشن جي خوشي ۾ هڪ رنگا رنگي محفل مچائي وئي، جنهن ۾ اتان جي صرف چند وڏن ماڻهن ۽ مٺي تي حڪمران پيپلزپارٽي جي وڏي سيٽ تي ويٺل معزز ميمبر کي گهرايو ويو، جنھن سان گڏ سندس وڏا ۽ ننڍا جيالا پڻ موجود هئا، اتي هڪ فنڪاره کي دعوت ڏئي گهرايو ويو هو، سول اسپتال مٺي ۾ جتي بيمار ماڻهن جون زندگيون بچايون وڃن ٿيون، اتي هڪ دل جو وارڊ موجود آهي، ان هنڌ تي رنگارنگ محفل مچائي وئي، جنھن ۾ مدهوش ٿي ان فنڪاره جي ڪلامن تي ڊانس ڪري هوڪرا ڪري پئسا اڇلايا ويا، ياد رهي ته ان ايم ايس خلاف 6 مهينا اڳ گهڻا احتجاج ڪرايا ويا هئا پر پوءِ به ان جي بدلي ٿي نه سگهي. اسيمبلي ميمبرن جو ڪم آهي ته اسيمبلي ۾ بل پاس ڪري غريب ماڻهن کي روزگار ۽ اسڪيمون ڏنيون وڃن پر افسوس ته اهو آهي جو ان جو نتيجو ابتو نڪتو، سوشل ميڊيا تي اها خبر اچڻ کان پوءِ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پئسن يا پريشر جي زور تي بائونڊ ڪيو ويو پر تنهن هوندي به اهڙو ڪڌو عمل لڪي نه سگهيو، جنھن تي سنڌ حڪومت جي ڊي جي هيلٿ نوٽيس ورتو آهي. هاڻي ڏسجي ته ان نوٽيس تي ڪيترو عمل ٿو ٿئي، جيئن ته ٿر هڪ پرامن علائقو آهي ۽ هميشه غريب ماڻهو پنهنجي لوئي ۽ لڄ جو دفاع ڪيو آهي پر اتان جا چونڊيل ميمبر جيڪڏھن اهڙيون شرارتون ڪن ته پوءِ الله ئي حافظ آهي. اسان هن چٺيءَ وسيلي سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙن آفيسرن کي هن ضلعي مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ ٿر جي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪئي وڃي.
جيسين لوڙائو ٿيا جنين سنديءَ ڌير،
ته ماروئڙا فقير ڪنھن در ڏيندا دانهڙي.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎
پاڪستان کي تيل گئس ڏيندڙ صوبي جي حالت!
سنڌ صوبو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، سنڌ صوبي جا ڳوٺ ۽ سمورين انساني ضرورتن وارين بنيادي سهولت کان محروم آهن، سنڌ صوبو واحد صوبو آهي جيڪو هن ملڪ کي37 سيڪڙو گئس ڏيندڙ صوبو آهي، پوءِ به هن صوبي جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، سنڌ جا شهر گئس، بجلي، روڊن رستن، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي جي بنيادي سهولتن کان به محروم آهن. وفاقي حڪومت جون هر دور ۾ سنڌ صوبي سان رويو صحيح ناهي هوندو، سدائين سنڌ صوبي سان زيادتيون ڪيون وينديون آهن، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته وفاق ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ٿو پر هن وقت تائين سنڌ حڪومت پڻ ان سلسلي ۾ خاموش تماشائي بڻيل آهي. سنڌ صوبي سان زيادتيون بند ٿين گهرجن، سنڌ جي نوجوان کي قتل ڪيو پيو وڃي، سنڌ صوبي جي گئس ڪمپني ۾ نوجوانن کي روزگار ڏيڻ سميت سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي سنڌين کي زندگيءَ جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
اپگريڊيشن سنڌ پوليس جو حق آهي!
پنجاپ پوليس، سرحد پوليس، بلوچستان پوليس اپگريڊ ٿي وئي آهي، اتان جي سپاهين جو اسڪيل 7 ۽ سنڌ پوليس جي سپاهين جو 5 گريڊ آهي، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سنڌ پوليس کي فوري طور اپگريڊ ڪري، سنڌ پوليس آخر ڪڏھن اپگريڊ ٿيندي؟ سڀ پوليس وارا راشي رشوتخور ناھن، ايماندار فرض شناس پوليس کاتي ۾ کوڙ سارا ماڻهو به آھن، انھن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گھرجي، سنڌ حڪومت جي اھڙي عمل ڪري سنڌ پوليس جي سپاھين ھيڊ ڪانسٽيبل ۽ اي ايس آءِ ملازمن سان سراسر ناانصافي ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت کي گھرجي سردي گرمي ۾ رات ڏينهن شھرن واھڻن وستين، وڏيرن، ڀوتارن، پارٽي اڳواڻن جي سيڪيورٽيءَ جا فرض انجام ڏيندڙ پوليس جي جوانن جو قدر ڪندي سنڌ پوليس جي سپاهين، ھيڊ ڪانسٽيبلز، اي ايس آئيز کي اپگريڊ ڪري سندن بنيادي پگھار وڌائي وڃي، جيڪو سندن بنيادي حق آهي ۽ سنڌ پوليس جي قربانين جو قدر ڪيو وڃي اھا حڪومت جي ذميواري آهي.
خواجا صدام سنڌي /احمدپور ڪنگري
ادارا ۽ سياسي مداخلت!
سنڌ ۾ هن وقت بيروزگاري عروج تي آهي، ڪورونا وائرس جي ڪري غريب ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي بئنچ جو فيصلو آيو آهي جنهن ۾ 2018ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڀرتي ڪيل ڊاڪٽر ۽ ڪميشن پاس شاگردن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي. جيڪو هن دور جو نرالو فيصلو آهي. ڏٺو وڃي ته جيڪي ميرٽ تي پاس ٿيا ۽ جن غريب نوجوانن وڏي محنت کان پوءِ امتحان پاس ڪيو، انهن ويچارن جو ڪهڙو ڏوهه هيو. ڪجھه ماڻهن جي ڪري سڀني کي هڪ جھڙي سزا ڏني وئي. سنڌ ۾ يونيورسٽيون ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سياسي مداخلت جا چوٻول عام آهن، جنهن جو مثال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي الزام اڄڪلهه جا نه پر اهي گھڻي وقت کان لڳندڙ آهن. انهن کان به اڳ جا ڪيترائي ٻين امتحانن تي پڻ سواليه نشان لڳل آهن، انهن امتحانن ۾ وڏو نقصان ميرٽ تي ايندڙ نوجوانن جو ٿيو آهي، جن وڏا ڪشالا ڪڍي سالن کان امتحان جي تيار ڪئي ۽ پاس به ٿيا ۽ آرڊر به ورتا بعد ۾ انهن امتحانن کي ختم ڪرڻ ڪري نوجوانن ۾ سخت مايوسي ڦهليل آهي. جنهن به اداري ۾ سياسي مداخلت عروج تي هجي اهي ادارا ڪڏهن به پنهنجو عڪس ٺاهي ناهن سگھندا، ان لاءِ سياسي مداخلت کان پاڪ ادارا ئي عوام ۾ مقبول ٿيندا آهن. منهنجي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي سياست کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ ان کي اهڙو ادارو بڻايو وڃي جو نوجوانن جو ان تي اعتماد بحال ٿئي.
عابد پنهل بليدي/لاڙڪاڻو
خدارا اياز پتافي جي وارثن سان انصاف ڪيو!
اسان جي معاشري ۾ انصاف صرف نالي ۾  بچيو آهي، جٿي وڏيرا، ڀوتار فيصلا ڪندڙ يزيديت جا پوئلڳ هجن اتي انصاف جي اميد ڪنهن مان رکجي؟ ۽ انصاف نه ملي پوءِ اهو ڪربلا جو ميدان سمجهجي يا انڌير نگري؟ ڪجهه ڏينهن اڳ شيخ ڀرڪيو ڀرسان بڪيرا شريف ٿاڻي جي حد ۾ ڳڀرو جوان جنهن اڃا 20 بهاريون به نه ڏٺيون هيون کي دوکي سان گهر ڀرسان گھٽيءَ ۾ گهرائي، بيدرديءَ سان ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو، ظالم اظهر پتافي ۽ حسنين پتافي گڏجي ماءُ جي هنج خالي ڪئي وئي، ماءُ جون سمريون اميدون ختم ڪيون ويون، جنهن جا هٿ ماءُ پنهنجي هٿن سان ميندي سان ڳاڙها ڪري ها، اهي هٿ ظالمن رت سان لال ڪري ڇڏيا، ايڏا ته بيرحم ظالم هئا جو ڪاسائي بڻجي هڪ گل ڪهي ڇڏيو، وارثن سان انصاف ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. اياز جو هڪ قاتل گرفتار ڪيو ويو پر جيڪو مک جوابدار هو اهو اڃا تائين ٻاهر آھي ۽ حفاظتي ضمانت به منظور ٿي وئي، ايترو ڪمزور ڪيس داخل ڪيو ويو هو، تڏهن ته ليکڪ چيو آ، جڏھن نااهل کي ماڻھن کي پنهنجو سردار مڃي ڇڏبو آھي، تڏھن انسان کي فقط نااميدي ۽ مايوسي کان سواءِ ڪجهه ملي ناهي سگهندو. اسان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ٿا ڪيون ته خدارا اياز پتافي جي قاتل مک جوابدار حسنين پتافي کي گرفتار ڪري سرعام ڦاسي ڏئي اياز جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.
سجاد ٿهيم/شيخ ڀرڪيو
پر او سانورا پرين، چڱي نه خودڪشي هئي!
زندگي پالڻھار طرفان اسان کي ڏنل انمول تحفو آھي ۽ اسان جي زندگي جا سمورا اختيار به ان پالڻھار وٽ آھن، پوءِ اسان پنهنجي گلن جهڙي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيون ٿا، روز اخبارن ۾ خبرون ته ڦلاڻي قرض کان تنگ ٿي آپگھات ڪري ڇڏيو، ڦلاڻي پسند جي شادي نه ٿيڻ ڪري آپگھات ڪري ڇڏيو يا ته ٻچن کي ماني ڳڀو نه ڏئي سگهڻ ڪري آپگھات، موبائيل نه وٺي ڏيڻ تان آپگھات، محبت ۾ ناڪامي سبب آپگھات وغيره. اسان جي آسپاس وياج تي ڪاروبار يا روڪ پئسا ڏئي ماڻھن کي اهڙو ته سوڙھو ڪيو وڃي ٿو جو وياج جا پئسا نه موٽائي سگهندڙ ماڻھو يا ته نفسياتي مريض بڻجي وڃي ٿو يا ته وري آپگھات کي اوليت ڏئي ٿو، ان کان سواءِ اڄ ڪلھ اسان وٽ ننڍا ننڍا قرض ڏيندڙ ايتريون ته بئنڪون کلي ويون آھن جو بئنڪن جا ننڍا ملازم “آسان قسطن تي قرض کڻو” جهڙا اشتهار توڙي مهم هلائي ماڻھن کي قرضي بڻائي ڇڏين ٿا ۽ واپسيءَ وقت قرض نه موٽائڻ تان دٻاءَ سبب آخري حل آپگھات هجي ٿو. ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ هڪ غريب مزدور جڏهن پنهنجن ٻچن جون ٻيون ضرورتون ته پري پر انهن کي رڳو ٻن ويلن جي ماني به مهيا نه ڪري ته ٻارن کي بکيو ڏسي آپگھات ڪري ڇڏي ٿو. حڪومتي ڌرين کي گهرجي ته بيداري مهم هلائي سماج جي پيڙھيل ۽ پريشانين ۾ ورتل نوجوان طبقي کي زندگي جي بهترين دڳ تي آڻي جيئڻ لائق بڻائڻ سان گڏوگڏ کين سٺو روزگار مهيا ڪن ته سماج جا هي فرد به سڪون جو ساهه کڻن.بقول سعيد سومرو جي ته:
فضول بور بي چسي، ذليل زندگي هئي،
پر او سانورا پرين، چڱي نه آپگھات هئي.
غلام علي گل/ ٻيلو، سجاول
اصل خوشي ڪٿي آهي؟
ڪنهن به عظيم ڪم جي اھميت ان وقت تائين نظر ناهي ايندي آهي جيستائين اهو ڪم شروع نه ڪيو ويندو آهي ۽ ھلي رھيو ھوندو آھي، ان ڪم جي اهميت فقط ان وقت ظاھر ٿيندي آهي جڏهن اھو ڪم پنهنجي تڪميل تائين نٿو پھچي. آئون دعويٰ سان ٿو چوان ته ھر اھو عمل جيڪو ڪوڙ، فريب ۽ مڪر تي ٻڌل هوندو آهي اھو ڪيترا به فضيلت جا نقاب پائي سچ جا ڍونگ ڪري پر ان جي اھميت اها ھوندي آھي جنھن ۾ فقط کوکلي تعريف ئي ھوندي آھي پر ان تعريف جي به ڪا قيمت ناھي ٿيندي، جنهن منجھ دلي تعريف سمايل نه ھجي. ياد رکڻ جي ڳالھ آھي ته حقيقي خوشي اھا آهي جيڪا صرف توهان کي ان وقت ملندي آهي جڏهن توهان ڄاڻي وٺو ته توهان جو رستو صحيح دڳ تي آھي ۽ اهو به يقين سان چوان ٿو ته توهان جي مخالفت ڪندڙ به دل ۾ اھو سوچيندو ته واقعي ھي ماڻھو درست آهي پر ياد رکو ناڪاريت جي گھيري ۾ ايندڙ شخص ۽ پنهنجي ڪوڙي انا خاطر ان ئي ڳالھ تي اٽڪيل رھندو جنهن ۾ ھن کي محسوس ٿيندو ته روايتي معاشري اندر ھن جي تمام گھڻي عزت آهي (منھنجو اهو مقصد ناھي ته روايتون مڪمل خراب آهن) جنهن ۾ فقط اھو شخص پاڻ کي دوکو ئي ڏيندو آهي ۽ خود به ڄاڻندو رھندو آھي ته ھو کوکلائپ جو شڪار آهي پر مسئلو صرف ئي صرف اُن جي ڪوڙي انا جو ھوندو آھي. پنھنجي زندگيءَ مان جيڪڏھن لطف اندوز ٿيڻ چاھيو ٿا ته پوءِ توهان کي مڪمل ٿيڻ بجاءِ اصلي ٿيڻو پوندو. جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا ته دشمن به توھان جي ڳالھ کي مڃي، سچ جي پاسي بيھو، پوءِ اھو سچ نتيجا ڀلي دير سان ئي ڇو نه ڏي، اھا ئي اصل ڪاميابي آهي. ڪوڙ نتيجا جلد ڏيندو آهي پر پنهنجي اھميت به جلد وڃائي ويهندو آهي.
مظھر علي/ڀٽ ڀائٽي
سنڌ حڪومت جي بجيٽ عوام دوست ڪيئن ٿي بڻجي سگھي؟
هيلوڪي بجيٽ جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته گذريل بجيٽن کان ڪجھ بھتر چئي سگھجي ٿي، سنڌ حڪومت ھي بجيٽ 1474 ارب جي ٽئڪس فري بجيٽ پيش ڪئي آھي، جنھن ۾ سرڪاري ملازمن جون 20 سيڪڙو پگھارن سان گڏ پينشن 10 سيڪڙو وڌائي آھي پر پنجاب جي ڀيٽ ۾ وفاقي حڪومت کي جيترو پئسو سنڌ کي ڏيڻ گھرجي ھا اوترو نه ڏنو آھي پر ھن بجيٽ ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع تي پئسا مختص ڪيا ويا آھن، جنھن ۾ سنڌ ۾ نون ڪاليجن جو به ذڪر آھي، مزدور جي اجرت 17500 مان وڌائي 25000 مقرر ڪئي وئي آھي، جڏھن ته وفاقي حڪومت مزدور جو قدر نه ڪيو آھي، ان جي اجرت 19500 رکي آھي، سوال ھتي اھو ٿو اڀري ته هتي رکيل پئسن کي صحيح ۽ وقت تي استعمال نٿو ڪيو وڃي، ترقياتي ڪم به ٻن سالن ۾ نه ٿيا آھن، نه نوجوانن کي روزگار مليو آھي، غربت ۾ اضافو ٿيو آھي، مسلسل لاڪ ڊائون ڪري ماڻھو فاڪاڪشي، تنگدستي واري زندگي گذاري رھيا آھن. ھن بجيٽ ۾ عوام جون اميدون ھيون ته ڪجھ غريبن لاءِ نيون اسڪيمون ۽ پروگرام ڏنا ويندا، نوڪرين جو اعلان ته ٿئي ٿو پر نوجوان درخواستون ڏئي ڏئي مايوسيءَ جو شڪار ٿي چڪا آھن. ھيءَ بجيٽ پورھيتن، مزدورن ۽ عوام لاءِ بھتر ناھي، مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي ها، اڃا بجيٽ پيش ئي نه ٿي آھي مٿان وري عام واھپي جون شيون مھانگيون ڪرڻ جون تياريون آھن، خدارا غريب ۽ مسڪينن تي رحم ڪريو، مھانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪيو.
شفيق حسين وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ 
سجاول جي زميندارن جو احتجاج!
سجاول ۾ ڇتو لارج شاخ کي پڪو ڪرڻ جي منصوبي ۾ ٺيڪيدار زميندارن جون زرعي زمينون شاخ ۾ آڻي لکين رپين جو نقصان ڪري ڇڏيو آهي، قيمتي زمين شاخ ۽ ان کي رستي ۾ اچي وڃڻ خلاف زميندارن احتجاج ڪيو، ايڪسيئين پاران زميندارن کي انصاف جي خاطري ڪرائي وئي آھي، سجاول جاتي روڊ تي حاجا موري وٽ ڇتو لارج شاخ کي پڪو ڪرڻ جو ڪم شروع آھي، جنھن تحت ٺيڪيدار پاران مختلف زميندارن جو زرعي زمينون شاخ ۽ ان جي ڀرسان رستي ۾ آڻي ڇڏيون آھن، جنھن ڪري زميندارن جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي، ان سلسلي ۾ زميندار چيو ته ٺيڪيدار اٽڪل 3 ايڪڙ سروي زمين شاخ ۽ رستي ۾ آڻي ڇڏي آھي، جڏھن ته بقايا زمين مان مٽي کڻي کڏا ھڻي زميندارن جو تمام گھڻو نقصان ڪيو آھي، سڀني زميندارن جو نقصان ڀري ڏنو وڃي، ٻئي پاسي ايڪسيئين آبپاشي سجاول فريد ميمڻ رابطو ڪرڻ تي چيو ته آئون جمعي ڏينهن ڪم واري جڳھ جو معائنو ڪرڻ ايندس، جنھن به زميندار جو نقصان ٿيو ھوندو ته ان جو ازالو ڪيو ويندو.
وفا بابو پٺاڻ/سجاول
بلاول! انهن ڄورن مان ته سنڌ جي جند آجي ڪراءِ!
او ابا بلاول! صدقو وڃانءِ تنهنجي نانءَ تان، تون اسان جي ڀيڻ بينظير جو ٻچڙو آن، اسان سڀني کي ڏاڍو پيارو آن، ابا ! هڪڙي ڳالھ مون ڪراڙي جي ڪن ڏئي ٻڌ! هي توسان گڏ جيڪي وڏيرا، وزير ۽ ڪامورا ٿا گهمن نه! اهي رڳو اقتدار ۽ پئسي خاطر توهان سان گڏ آھن، خدانخواسته حڪومت نه رهي ته هي وڏيرا، ڪامورا جوڳي نه ڪنهن جا مٽ واري چوڻي تي عمل ڪندي منهن ڏئي ڳالهائيندوَ ئي ڪونه. اهي وزير، وڙا، ڪامورا سڄو مال لٽي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آھن، عوام لاءِ آيل فنڊ ناني جي نسوار سمجهي چپٽيءَ ئي هڪ ڪندا آھن، انهن ئي تنهنجو ۽ تنهنجي پارٽي جو نانءٌ خراب ڪري ڇڏيو آ، ابا جي توکي پنهنجو ۽ پارٽي جو نالو بچائڻو آهي ته اهڙن پيٽ جي پٽين،ٺڳن، عوام لاءِ آزار وڏيرن، وزيرن ۽ ڪامورن کي پاڻ کان پري ڪري نيڪالي ڏيڻي پوندئي، نه ته شهيد ڀٽي ۽ بيبي شهيد بينظير جي ڪئي ڪمائي انهن جي  بي ايماني ۽ ڪرپشن جيڪر پاڻي ۾  لڙهي ويندئي! ابا بلاول! خدا کي مڃ، اک پٽ اک! ۽ انهن واڳن مان هٿ پٽ، ته سنڌ جي جند آجي ٿئي سورن کان!
زاهد علي ڀٽو/گھوٽڪي